سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات

0
264

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري ، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، هيٺانهينءَ وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو.

حيدرآباد، هوسڙي، سيري، ٽنڊو ڄام، ڪنڊيارو، مٺياڻي، راڻيپور، وڳڻ، پکو، بهرام، ميروخان، قادرپور، سرحد، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ بخشاپور ۾ وسڪارو پيو.

حيدرآباد ۾ برسات بعد 500 کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿي ويا، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ۾ بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي.

ڪراچي 4 ۾ اڄ گجگوڙ سان  برسات پوڻ جو امڪان آھي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾منجهند جو ٿنڊر سيلز ٺهڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ بعد تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي.