پير جو ڳوٺ مان هٿياربندن پاران ناري مبينا طور اغوا

0
484
پير جو ڳوٺ مان هٿياربندن

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پير جو ڳوٺ مان هٿياربندن پاران ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي آھي، ناري جي والد ابراھيم مڱريو جو چوڻ آھي تھ ڪچي آبادي محلا ۾ وقار ڪانهر  سميت 5 کان وڌيڪ هٿياربندن گهر  تي حملو ڪيو.

ابراھيم مڱريو جو چوڻ ھو تھ جوابدار هٿيارن جي زور تي ڌيءَ  ڪائنات کي اغوا ڪري ويا. پوليس ٿاڻو گهر جي ويجهو هجڻ  باوجود پوليس ڪا ڪارروائي نه  ڪئي آھي.

ناري جي والد جو چوڻ ھو تھ نياڻي جي حياتي کي خطرو آھي، ڌيءَ کي ھٿ ڪري انصاف ڪيو وڃي.