سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽن ڄڻن آپگهات ڪري ڇڏيو

0
178
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽن ڄڻن آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنجهوري ٿاڻي جي حد 21 جمڙائو ۾ 55 ورهين جي مائو ڪولهي ولد ماڻو ڪولهي بيماري غربت ۽ بيروزگاري سبب گهر ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

وارثن جو چوڻ آهي ته مائو ڪولهي ڪافي عرصي کان بيماري سبب بستري تي پيل هو ۽ بيروزگاري ۽ غربت سبب پنهنجو علاج ڪرائڻ کان به قاصر هو ، گهروارن جي لاباري تي وڃڻ کانپوءِ هن گهر ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آندو

هوڏانهن ڏيپلو جي ڳوٺ دونھائي ۾ 36 سالا نواز علي پٽ جان محمد سومرو خودڪشي  ڪري زندگي جو انت آندو

ٻئي پاسي دادوڀرسان پيارو ڳوٺ ۾ معصوم ٻچن کي بک تي ڏسي مسمات حنيفان زال رستم کوسو زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو

عورت جي مڙس جو چوڻ آهي ته ٻيو ڪو به مسئلو نه آهي غريب آهيون، رات ٻچا بک تي ستا ته ان تان زال زهريلي دوا پيتي آهي، علاج هلي پيو

ھي به پڙھندا

سيوھڻ ۾ نينگر جو گهر مان ڦاھو ڏنل لاش ھٿ