برازيل جي جهنگ ۾ گم ٿيل 2 ٻارڙا 4 هفتن بعد جيئرا هٿ

0
333
برازيل جي جهنگ ۾

برازيليا (دلچسپ نيوز) ڏکڻ آمريڪي ملڪ برازيل جي ايمازون درياهه سان گڏ موجود دنيا جي سڀ کان گهاٽي ٻيلي ۾ ٻه معصوم ڀائر اڪيلا گم ٿي ويا ۽ مهيني تائين جيئرا رهيا. 6  ورهين ۽ 8 ورهين جا ٻارڙا معجزاڻي طور تي چئن هفتن تائين جهنگ ۾ رهيا، جن کي جيئرو هٿ ڪيو ويو آهي

اميزوناز اسٽيٽ جي مينيڪور واري علائقي ويجهو رهندڙ گلوڪو ۽ گليسيون فريرا 18 فيبروري تي پنهنجي گهران پکين جي شڪار لاءِ نڪتا ته گم ٿي ويا هئا. ٻارن جي گم ٿيڻ بعد مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو ٽيمن جي مجموعي طور 260 ماڻهن ٻارن جي ڳولا ڪئي پر ٻارن جو پتو نه پيو. سرڪاري عملدارن به هٿ ڪڍي ڇڏيو پر مقامي ماڻهو ڳولا ڪرڻ ۾ رڌل رهيا ۽ نيٺ ٻارن جي خاندان وارن کين ڳولي ورتو. ٻارن کي والميرا جي ٻيلن ۾ موجود ڳوٺ ويجهو هڪ ڪاٺيون ميڙيندڙ شخص وٽان هٿ ڪيو ويو