دماغي سڪون سبب اداڪاري جي دنيا کان وقفو ورتو: نرگس فخري

0
807

ممبئي (شوبز نيوز) آمريڪا ڄائي بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري انڪشاف ڪيو آهي ته هن دماغي سڪون سبب اداڪاريءَ جي دنيا کان وقفو ورتو، ڇو ته هوءَ پنهنجي ڪم مان خوش نه هئي

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا نرگس فخري انڪشاف ڪيو ته هن ڪجهه سال اڳ پنهنجي ذهني صحت تي ڌيان ڏيڻ لاءِ اداڪاري کان وقفو ورتو. ان وقت نرگس جو ڪيريئر سٺو هلي رهيو هو پر نرگس موجب پوءِ به هن وقفي جو فيصلو ڪيو، ڇو ته هوءَ خوش نه هئي

2011ع ۾ راڪ اسٽار سان بالي ووڊ ۾ پير رکندڙ نرگس مدراس ڪيفي، مين تيرا هيرو ۽ فلم اسپاءِ جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو. 2016ع ۾ کيس پنجن فلمن ۾ ڏٺو ويو پر پوءِ هن آمريڪا ۾ پنهنجي ڪٽنب ڏانهن موٽڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته مون کي احساس ٿيو ته مان وڌيڪ ڪم ۽ دٻاءَ جو شڪار هيس، مان پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن کي ياد ڪيو، مون محسوس ڪيو ته مان اهو ڪم نه ڪري رهي آهيان، جنهن مان خوش هجان

سندس موجب مان هڪ کانپوءِ هڪ فلم ڪئي ۽ پوءِ وقفي جي ضرورت پئي، مان اهو سمجهان ٿي ته اوهان ڪڏهن نٿا هارجو، خاص طور تي جڏهن اوهان پنهنجي لاءِ، پنهنجي سار سنڀال لاءِ ۽ پاڻ سڃاڻڻ لاءِ وقت ڪڍو ٿا.