سنڌ جي خلاف معاهدو، حيدرآباد ۾ ڪيو اي ٽي جي سڏ تي ڌرڻو

0
139
سنڌ جي خلاف معاهدو، حيدرآباد ۾ ڪيو اي ٽي جي سڏ تي ڌرڻو
سنڌ جي خلاف معاهدو، حيدرآباد ۾ ڪيو اي ٽي جي سڏ تي ڌرڻو

حيدرآباد (ن پ ا) قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي پيپلز پارٽي پاران، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ن سان سنڌ جي خلاف ڪيل معاهدن جي حوالي سان تنبورا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو آهي

ڌرڻي ۾ اياز لطيف پليجو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر سميت ٻين پارٽين جا قومپرست اڳواڻ به شريڪ آهن جيڪي ڌرڻي کي خطاب ڪندا

ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز پليجو چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف سوديبازي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، اقتدار جي بکين کي سنڌ توڙي عوام سان ڪا همدردي ناهي جنهن ڪري انهن ڌار صوبي جو مطالبو ڪندڙن سان ٺاهه ڪيو آهي

 

ھي به پڙھندا

عمرڪوٽ ڀرسان نوجوان پورھيت مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو