دادو (رپورٽر) اسسٽنٽ سيشن جج دادو پرديپ ڪمار جي عدالت پوليس مقابلي ۽ 13 ڊي جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي نويد عرف ياسين پٽ زاهد کونهارو کي ٻنهي ڪيسن ۾ 8 سال قيد ۽ 25 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، سزا ٻڌايل جوابدار خلاف جوهي ٿاڻي تي 2021 ۾ پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار هٿ ڪرڻ جا الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا هئا.