ٺٽو (رپورٽر) حيدرآباد جي دهشتگردي جي خاص عدالت نمبر 1 ٺٽي ۾ 6 اپريل تي شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي ورسي مان موٽندڙ قومپرست اڳواڻن تي داخل ڪيل بغاوت جي ڪيس ۾ حاجي انور ڪرناڻي، ڄام سنگھار ڪرناڻي ۽ فقير رزاق انڙ جي 22 اپريل تائين ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھيه سنڌي، رضوان، منور  ڪرناڻي، عمر ڪرناڻي، فهد ڪرناڻي ۽ ٻيا ڪارڪن پڻ موجود هئا.