جھول (ن پ ا) جھول ڀرسان ڳوٺ جان محمد خاصخيلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان ٽن هارين ليکو ڀيل، شيوو ڀيل ۽ مصري ڀيل جي ڪکانون گھرن کي باھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته باھ ھڪ گھر کي لڳي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي ٽنھي گھرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو،  اطلاع باوجود فائربرگيڊ جي گاڏي نه پهتي، بعد ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي،