ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا وڌيڪ  101 حياتيون کسي ورتيون، 3559 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا  شرح 6.6، اسلام آباد ۾ 5.3، پنجاب ۾ 7، لاهور ۾ 10.6، راولپنڊي ۾ 15، ڪي پي ۾ 5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، سنڌ ۾ڪورونا 14 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته  1263 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. جڏهن ته  يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو به ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد پاڻ کي گھر اندر آئسوليٽ ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشهور پروگرام ”ڳوٺاڻي ڪچھري“ جي امر ڪردار سيد صالح محمد شاهه المعروف فتح خان جو فرزند ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڪمپيئر سيد شبير احمد شاھ 44 سالن جي عمر ۾ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪجهه ڏينهن اڳ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو هو ، سندس جنازي نماز ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ ادا ڪئي ويندي هن پونئرن ۾ 2 پٽ ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏي آهي. ٻئي طرف  وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته هن وقت 50797 مريضن جو علاج هلي پيو، 49481 گھرن ۾، 40 آئسوليشن سينٽرن ۽ 916 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 816 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته  74 مريض وينٽيليٽر تي آهن، ڪراچي ۾ 643، حيدرآباد ۾ 181، بدين ۾ 46، سانگھڙ ۾ 45، ٿرپارڪر ۾ 37، ٺٽي ۾ 33، ڄامشوري، عمرڪوٽ ۽ خيرپور ۾ 29_29، ٽنڊي محمد خان ۾ 28، مٽياري ۾ 25، ميرپورخاص ۾ 23، سجاول ۾ 12، سکر ۾ 8، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 4_4، دادو ۽ ڪشمور ۾ 3_3 ۽ گھوٽڪي ۾ وڌيڪ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.  ٻئي طرف ملڪ ۾ 35 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين جي هڪ خوراڪ مڪمل ٿي وئي، اسلام آباد ويڪسينيشن ۾ سڀني کان اڳتي نڪري ويو، وفاقي سرڪار موجب ويڪسين جي اهل 29 سيڪڙو آبادي جي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، آزاد ڪشمير ۾ 51، گلگت ۾ 39 ، پنجاب ۾ 37 ، سنڌ ۾ 32 ۽ بلوچستان ۾ 12 سيڪڙو ويڪسينيشن مڪمل ٿي وئي آهي، سڄي ملڪ ۾ 17 سالن جي نوجوانن،  پرڏيهه ويندڙ 12 ورهين جي نينگرن ۽ بزرگن جي بوسٽر ڊوز جو عمل شروع ٿي ويو آهي. هوڏانهن اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب اسپوٽنڪ ويڪسين جون 10 لک خوراڪون پاڪستان پهچايون ويون آهن

 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي  ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي کانسواءِ باقي 22 ضلعن ۾ واقع درگاهون کولي ڇڏيون، ان حوالي سان اوقاف کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرين سيپٽمبر کان ڪراچي ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي جي درگاهن کانسواءِ صوبي جي ٻين سمورن ضلعن جون درگاهون ايس او پيز تي عملدرآمد سان مشروط طور کوليون ويون آهن. نوٽيفڪيشن ذريعي زائرين کي پابند بڻايو ويو آهي ته سماجي وٿيءَ، سينيٽائيزر ۽ ماسڪ سميت ٻئي ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، هوڏانهن  ڪراچي جي پينو فقيرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ وارو عمل رولڙي ۾ پئجي ويو، صحت کاتي پاران پينو فقيرن لاءِ مختص ڪيل سنگل ڊوز واري ويڪسين ڪين سائينو  جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري هڪ هفتي اندر ڪراچي جي رڳو 211 پينو فقيرن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ صحت کاتي جي اختيارين پاران اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته شهر ۾ پينو فقيرن کي ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين ڪين سائينو  جو هڪ ڊوز لڳايو ويندو. اها مهم هڪ هفتي کان جاري به هئي پر اوچتو ڪين سائينو ويڪسين جي کوٽ ٿيڻ بعد پينو فقيرن کي ويڪسين ڪرڻ وارو عمل رڪجي ويو آهي. صحت کاتي موجب ته ڪراچي جي 7 ئي ضلعن ۾ هفتي تائين رڳو 211 پينو فقيرن کي ويڪسين لڳي سگھي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ 70 هزار پينو فقير رهن ٿا.