اسان جو ننڍپڻ ضياءَالحق جي دور ۾ گذريو جڏهن کان پاڻ شعور جي دائري ۾ داخل ٿياسين تڏهن کان سنڌ جي سورن جون ڳالھيون ٻڌندا پيا اچون ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم جو رينگٽ ڪڏهن پاڻي جو مسئلو ته ڪڏهن وري ڌارين جو سنڌ ۾ آباد ٿي صوبي جي گهر ڪرڻ،   هڪ ته چوري وري ٻيو سينه زوري. ڌرتي ڌڻين جي زمينن تي زوري قبضو ڪري وري اتي غيرن جي رهائش جي لاءِ راه هموار ڪئي وڃي ٿي. بحريه ٽائون جون  وسنديون جتي گبول ۽ ٻيون برادريون رهندڙ ھيون انهن جا اجها مسمار ڪيا ويا . ڪوڙا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل نه صرف آدمشماريء ۾ سنڌي قوم  کي هاڃو رسائڻ جا سانباها آهن، بلڪه اسان جو آئيندو کسڻ ۽ اسان جي نوجوانن کي بي روزگاري جي باهه جي ور چاڙهڻ جي منصوبا بندي آهي.   نون نون طريقن سان روز سنڌ ۾ نوان مسئلا پيدا ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خالف سازشون رٿيون پيون وڃن.انهن سازشن خلاف وڙهندي وڙهندي سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي وجود کي برقرار رکيو پئي اچي.
 ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي قوم مهمانواز آهي پر اسان جي وڏي بدقسمتي چئبي ته اسان جن کي به جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهيون اھي پٺيءَ ۾ وار ڪري نمڪ  حراميءَ جو ثبوت ڏيندا آهن ۽ هتي رهي کائي پي سنڌ جي دشمنن سان ملي سنڌ ۽ سنڌي قوم خلاف سازشون ڪندا آهن.
 سنڌي سادي ۽ سٻاجهي قوم آهي جيڪا نه پراون جي چالن کي سمجهي سگهي ٿي نه ئي پنهنجن منافق سياستدانن جي منافقت کي سڃاڻي سگهي آھي.  
جڏهن به ڪو قومي مسئلو جنم وٺندو آهي ته “مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾” جهڙيون سٽون  ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گونجڻ لڳنديون آهن ، چاهي اهو مسئلو بحريه ٽائون جو هجي يا ڌارين جي آباد ڪاريءَ جو هجي، دشمن جي صف ۾ پنهنجا ئي بيٺل نظر ايندا آهن. ڪوڙن شناختي ڪارڊن،  ڊوميسائيلن جو مسئلو ڪر کڻي بيٺو، سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هليا، پوسٽون شيئر ٿيون پرڪو کڙ تيل نه نڪتو . توهان روڊن تي ته نڪرو ٿا پر وري ان کان پوءِ اها به جانچ ڪريو ته جيڪا جدوجهد توهان ڪئي آهي ان جا نتيجا ڪيترا مؤثر ۽ اسان جي قوم جي  مفاد مطابق نڪتا؟؟

 سالن کا اسان جي سنڌ تي اسانجن پنهنجن جي حڪومت رهي آهي، پوءِ ڀلي انهن سنڌ کي نپوڙيو، مروڙيو، کانئن ڪو سوال ڪرڻ وارو ڪونهي، پنهنجن سياسي مفادن ۽ ڪرسيءَ جي چمڪ ۾ ماروئڙن جا سور ڌنڌلا ٿي ويا آهن ، عوام کي پنج سال صرف ڏٽن، آسرن ۽ اميدن تي  جياري رکندا آهن. آخرڪار اها اميد ٽٽندي آهي ته عوام جا خواب به چڪنا چور ٿي ويندا آهن .
 هي اهي ئي حڪمران آهن جيڪي ووٽن وٺڻ مهل ته غريبن کي هٿ جوڙيندا آهن پر اليڪشن کان پوءِ غريبن سان ملندا به ناهن نه ئي انهن جي مسئلن سان سندو ڪو واسطو هوندو آهي.
 سنڌ جي راڄڌاني تي وڏو حق سنڌين جو آهي اسيمبلين ۾  ويٺل سنڌين لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ڪراچي ۾ پنهنجن سنڌين کي آباد ڪرڻ لاءِ سپورٽ ڪري سگهن ٿا، بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪرڻ سميت هر مسئلي کي ايوانن ۾ اٿاري اسان جي قوم کي مايوسي نا اميدي کان بچائي سگهن ٿا پر سياسي مفاد انهن کي عوام جي مفادن کان وڌيڪ عزيز آهن .
سنڌ مسئلن ۽ مونجهارن جوڳڙُُھه بنجي چڪي آهي جيڪو سڀ پنهنجن ڪرپٽ حڪمرانن جوئي ڪڌو ڪارنامو آهي.
زخم جڏهن نه ڇُٽندا آهن ته اهي ناسور پل پل اذيتن جو اهڃاڻ بنجي ويندا آهن ،
 سنڌ سان ازل ٻيائي ۽ منافقت وارا رويا رکندي نا انصافي ڪئي ويئي آهي. جنهن سبب سنڌ جا سور ڪنهن ناسور وانگر سنڌ کي اندران کائي رهيا آهن. جيڪي ڪڏهن ڇُٽڻ جا ناهن، هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌ ڀوڳي رهي آهي پنهنجن جي منافقت، ڌارين جي چالبازين ، زيادتين، اڻ کٽندڙ پريشانين سنڌي قوم کي مونجهارن جي اونهي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.