دادو: جتوئي-شاهاڻي تڪرار، مرتضيٰ جتوئي جي لانڍين ۽ زمينن تان قبضا ختم، پوليس مقرر

0
523
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

دادو(ن پ ا) دادو ويجهو ٻن ڄڻن جي قتل بعد جتوئي-شاهاڻي ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ وارو مامرو، پير پاڳاري، سردار منظور پنهور سميت مختلف برادرين جي سردارن جي ٽياڪڙي کان شاهاڻي برادري پاران ڪيٽي جتوئي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جي لانڍين ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪيا ويا، ڪيٽي جتوئي ۾ منٺار، طالب شاهاڻي جي قتل کانپوءِ شاهاڻي برادري جي ماڻهن مرتضيٰ جتوئي جي لانڍين ۽ زمينن تي قبضو ڪيو هو، هڪ هفتي اندر ڌرين ۾ سردار مير منظور پنهور ۽ ٻين سردارن جي سرپئچي ۾ فيصلو ٿيڻ جا امڪان، ڪيٽي جتوئي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جا گارڊن ڪيٽي جتوئي ۾ بنگلي تي ويهي ويا، وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار به مقرر ڪئي وئي آهي.