سنڌ بيراج ٺهڻ تي سنڌ وارن جا اعتراض

0
218

                         تازو پنهنجي اخبار ۾ جمعي 27 آگسٽ تي هڪ خبر لڳي ته واپڊا وارن جي سنڌ بيراج ٺاهڻ لاءِ هڪ ٽيم حيدرآباد پهتي. واپڊا وارن اتي چيف انجنيئر ڪوٽڙي بيراج جي آفس ۾ آبپاشي انجنيئرن سان گڏجاڻي ڪئي.  سنڌ جي نمائندن چيو ته هنن جا اعتراض فزيبلٽي رپورٽ ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن، تنهن ڪري واپڊا طرفان ڏنل رپورٽ کي ڪنهن  صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. واپڊا وارن اها ڳالهه مڃي ته برابر سنڌ وارن جا اعتراض رپورٽ ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن، هو ٻيهر انهي رپورٽ جا منٽس Minutes جاري ڪندا.

واپڊا وارن جا سنڌ بيراج بابت ٻڌايل فائدا

1:  ڊيلٽا ۾ سامونڊي چاڙهه کي روڪيندو.

2: آباد زرعي زمينن کي سمنڊ جي چاڙهه کان روڪيندو.

3 : ماحولياتي اثرن تي ضابطو  آڻيندو.

4: تمر جي ٻيلن  جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندو.

5: آبي حيات کي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندو.

6:  ماڻهن کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي ڏيندو.

7: زرعي زمينن  کي پاڻي مهيا ڪندو.

8: ماڻهن جي ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ کي روڪيندو.

 9: ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏيندو.

سنڌ بيراج  ٺاهڻ جو منصوبو واپڊا وارن ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ خاص طرح ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ لاءِ جوڙيو. هنن وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ Briefing ڏني آهي جيڪا وزيراعظم منظور ڪئي، ۽ پئسا  ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. واپڊا مطابق هن منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪيو ويندو ۽ ڊسمبر 2024 ع تائين اهو منصوبو  مڪمل ٿي ويندو.

سنڌ بيراج ڪهڙي هنڌ ٺاهيو ويندو:

 اهو بيراج ڪوٽڙي بيراج کان 160 ڪلو ميٽر هيٺ ٺاهيو ويندو. سمنڊ کان 45 ڪلو ميٽر مٿي  ٺٽي شهر جي ڏکڻ ۾ 65 ڪلو ميٽر تي ۽ ڪراچي جي اوڀر ۾ 130 ڪلو ميٽر هيٺ ٺاهيو ويندو.

بيراج ۾ پاڻي جو ذخيرو:

 بيراج کان مٿي ڪوٽڙي بيراج تائين 6 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو، جنهن ڪري  بندن جي اوچائي 40 فوٽ رکڻي پوندي.  بيراج مان ٻه واهه ڪڍيا ويندا هڪڙو سڄي پاسي  ۽ ٻيو کٻي پاسي. سڄي پاسي وارو واهه گهوڙاٻاري کان گهارو تائين 40 فوٽ پڪو هوندو، ۽ کاٻي پاسي وارو واهه سجاول کان گولاڙچي جي 50 ڪلو ميٽر پڪو هوندو.

ڇا هي بيراج سنڌ جا مسئلا حل ڪري سگهندو؟

ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ٻه مکيا مسئلا آهن، هڪڙو اهو ته گهٽ پاڻي اچڻ ڪري سمنڊ مٿي چڙهي اچي ٿو ۽ ٻيو اهو ته سمنڊ جي مٿي چڙهي اچڻ ڪري زرعي زمينون تباهه ٿين ٿيون. سال 1991 ع واري پاڻي ٺاهه ۾ سنڌ ڪوٽڙي کان هيٺ هر سال 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهريو پر اها ڳالهه مڃڻ بدران نئوان اڀياس ڪرائڻ جو چيو ويو. اڀياس سال 2004ع ۽ 2005 ۾ ٿيا، انهن اڀياسن کان پينل آف ايڪسپرٽس کان سپر وائير ڪرايو ويو جن رپورٽ ڏني ته سڄو سال هر ڏينهن ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ هر پنجن سال ۾ 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سراسري طور ڪوٽڙي کان هيٺ وڃڻ کپي. اهي انگ ڪيوسڪ ۽ ملين ايڪڙ فوٽ ۾ آهن جيڪڏهن ٻنهي کي ملين ايڪڙ فوٽ ۾ مٽايون ته ٿئي ٿو 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ. سنڌ ٺاهه ٿيڻ وقت گهريو هو 10 ملين ايڪڙ فوٽ. هينئر اڀياس مطابق اهو گهٽ ٿو ٿئي، پر اهو به هر سال نٿو ڏنو وڃي. گهٽ پاڻي اچڻ ڪري سمنڊ مٿي چڙهي اچي ٿو ۽ زرعي زمين کي خراب ٿو ڪري. جيستائين 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ايندو ۽ درياهه ۾  لٽ گهٽ ايندي سمنڊ جو مٿي اچڻ بند نه ٿيندو.

سنڌ جي آبادگار تنظيمن جا رايا:

 اسان وٽ ٻه مکيه آبادگار تنظيمون آهن. هڪ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ٻي سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر. سنڌ آبادگار بورڊ انهي منصوبي کي صحيح سمجهي ٿو. ٻئي پاسي سنڌ چيمبر آف ايگريلڪچر انهي شرط تي منظور ڪري ٿو ته سنڌ جي نمائندن  کي انهي بابت ڄاڻ ڏيڻ کپي ته انهن جا خدشا دور ٿين. وري ٻئي پاسي هڪ ٻي تنظيم فشر فورڪ فورم آهي ان جو نمائندو محمد علي شاهه ( مرحوم)  چيو هو ته اها  ڊيلٽا کي جيارڻ جي غلط اسڪيم آهي. درياهه کي ڇڏيو وڃي ته وهندو رهي.  درياهه ۾ لٽ اچي ٿي جيڪا ان بيراج ٺهڻ سان لٽ اچڻ بند ٿي ويندي. اها لٽ ڊيلٽا جي جياپي لاءِ ضروري آهي. هن الزام هنيو ته ان ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي بحريا ٽائون کي ڏنو ويندو.

 سنڌ وارن جا اعتراض:

بيراج ڪري 2 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو. ڇا هر سال ڪوٽڙي کان هيٺ ايترو سمنڊ ۾ وڃي ٿو؟

 پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ بندن جي اوچائي وڌائي 40 فوٽ ڪئي ويندي، انهن بندن مان سيمو ٿيندو جيڪو ڀر وارين زمينن کي خراب ڪندو.

 کاٻي پاسي واري نظام تي اڳي ئي آبپاشي نظام آهي جڏهن ته کاٻي پاسي وارو نظام ڪهڙي ايراضي کي پاڻي ڏيندو؟

  ڪراچي جي پيئڻ جي لاءِ اڳ ڪي فور ( K- Four ( هلندڙ آهي. نئون ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ انهي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ کپي.

 سنڌ جي ماهرن جي رپورٽ مطابق 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کپي.  انهي گهٽ پاڻي مان 2 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، پوءِ لٽ به نه ايندي ۽ پاڻي به گهٽبو.

 ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ڪچي ۾ تمام گهڻي آبادي ٿئي ٿي، جن ۾ ڪيلا تمام اهم آهن. جڏهن 2 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو ته ڪچي ۾ آبادي ته نه ٿي سگهندي، ڪچي جا ماڻهو بيروزگار ٿيندا ۽ تمام گهڻي لڏپلاڻ ٿيندي .

چون ٿا ته بيراج واري مٽي ڀرڻي آهي، انهي مٽي مان بند ٺاهيا ويندا، واري وارا  بند ڪمزور ٿين ٿا.

 سامونڊي اُٿل کي روڪڻ لاءِ ٻيا اپاءُ وٺي سگهجن ٿا.  انهي لاءِ اهڙا بند ٺاهي سگهجن ٿا جن تي پٿر جي پچنگ  ٿي سگهي، جيڪا هوا جي ڪري پيدا ٿيل ويرن کي روڪيندي .

 پاڻي ٺاهه ۾ سنڌ بيراج جي پاڻي جي Alocation ناهي، پوءِ انهي لاءِ ڪٿان پاڻي  آڻيندا .

 سنڌ بيراج لاءِ ڪي بي فيڊر ذريعي ڪينجهر ليڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پاڻي گهٽجي ويندو، پوءِ ڪوٽڙي بيراج کان سنڌ بيراج تائين پاڻي ڪيئن ذخيرو ڪندا.

منهنجي خيال ۾ سنڌ بيراج جي فزيلٽي ته تيار ٿي ويندي پر ان جو ٺهڻ ڏکيو آهي، جو ان تي خرچ تمام گهڻو ايندو ۽ ڪوٽڙي بيراج جا سڀئي مسئلا حل نه ٿيندا. بلڪه نوان مسئلا پيدا ٿيندا .