تعليم جي تباهي ۽ ان جا محرڪات

0
161

                 تعليم شعور جي اک آ، انسان کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بنائي ٿي. يعني هڪ تعليم يافته فرد شعور جي طاقت سان لاشعور کي شڪست ڏيندي، هڪ ڄاڻ، معلومات جي خزاني سان ذهن کي سيراب ڪندي سمجھ، عقل، فهم فڪر ۽ سوچ جو نج ٻج ڇٽي ڌرتيءَ جي گولي تي انيڪ املھه باشعور نسل تخليق ڪري ٿو. علم صرف ڪتاب پڙهڻ جو نالو ناهي، علم ڄاڻ جو اهو مضبوط خزانو آهي جنهن سان ڪاميابين جا ڏاڪا آساني سان عبور ڪندي پنهنجي ترقي جي منزل ڏانهن وڌي سگهجي ٿو. اها منزل جيڪا روشنين جي منزل هوندي آهي، اها منزل جيڪا دل کي سڪون ۽ دماغ کي نواڻ ۽ تازگي بخشي ٿي. پر اها ئي روشني اسان جي غير ذميواراڻن روين، لاپرواهيءَ سبب اونداهين جي اونهي اوڙاھ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جيڪا نسلن جا نسل تباه ڪري ڇڏي ٿي، شاگرد،استاد، والدين، مئنجمينٽ ۽ اڄڪلھه ڪورونا جي وبا پڻ تعليمي تباهي جو ڪارڻ بڻي.

تعليم جي تباهي ۽ شاگرد:

جڏهن به اسان ڪنهن به ذميداري مان فرار حاصل ڪرڻ جا بهانا ڳوليندا آهيون ته پوءِ ٻين تي ڀاڙڻ لڳندا آهيون. شاگرد جڏهن تعليم پرائيندو آهي ته هو چاهيندو آهي ته سڀ ڪجھه کيس ٺھيل ٺُڪيل ملي. اگر اسڪول مان اچي ته هن جو سڄو هوم ورڪ وري ٽيوشن وارو ڪرائي. ائين ئي شاگرد ڪلاس ۾ لاپرواهي ڪرڻ لڳي ٿو. هن کي خبر آهي ته کيس اگر ڪلاس ۾ ڪا شي سمجھه ۾ نه به آئي ته گهر وڃي ٽيوشن ٽيچر کان ڪرائيندو ۽ اها عادت ٻار مان احساس ذميداري کي ختم ڪري ٿي، شاگرد کي هميشه پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي، جنهن سان نه صرف خود اعتمادي وڌي ٿي، بلڪه ٻار پاڻ به دلي خوشي محسوس ڪندي، ڪجھه لکي پنهنجي ناليج ۾ اضافو به ڪري سگهي ٿو.

تعليم جي تباهي ۽ استاد:

تعليم جي تباهي جو هڪ اهم سبب استاد پڻ آهن، جيڪي ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ ته صحيح نه ٿا پڙهائين، پر وري انهن جي ٽيوشن سينٽرن تي پڙهندڙ ٻار وري پوزيشن هولڊر ٿي ٽيوشن واري ٽيچر جي نيڪيءَ جا ڳڻ ڳائيندا وتندا. يعني استاد ٽيوشن تي توجھ سان پڙهائين ٿا ۽ اسڪول ۾ صحيح نه ٿا پڙهائن، جنهن سبب حقدار ٻار جيڪي پنهنجي ذهانت سان مارڪون ۽ پوزيشن کڻي سگهن ٿا،

تعليمي تباهي ۽ والدين:

 ٻار جي پهرين اخلاقي تربيت، سندس گهر کان ٿئي ٿي، ان ڪري انهن کي سٺن اخلاقن سميت سٺي تعليم پڻ ڏيارڻ گهرجي. اسان جي مذهب اسلام والدين تي اها ذميداري واجب ڪئي آهي ته هو اولاد جي نه صرف تربيت سٺي ڪن بلڪه تعليم جي زيور سان به کين آراسته ڪن، جيڪو سندن اولين فرض آهي. پر اڄڪلھه جي مصروف دور ۾ والدين پنهنجون ذميداريون وساري ويٺا آهن. هو سمجهن ٿا ته اسڪول وڃڻ ٽيوشن پڙهڻ سان ئي ٻار ڪاميابي طرف راغب ٿئي ٿو، پر سندن اها خوشفهمي، تڏهن مايوسي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي جڏهن ٽيوشن تي هزارين روپيه خرچ ڪرڻ باوجود سندن اولاد فيل ٿيو پوي. ان جو سبب موروثي ذهن به هوندو آهي جيڪو کيس ورثي ۾ ملندو آهي، جنهن جي تبديلي وري گهر جي فردن جي محنت ۽ جهد مسلسل سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ والدين کي به پنهنجي ذميداري محسوس ڪرڻي پوندي. والدين کي پنهنجي ٻار کي Lookafter ڪرڻو پوندو ته آخر انهن جو ٻار ڇا پڙهي رهيو آهي. ٻين تي ڀاڙڻ بجاءِ ٻار کي ڏسجي. هفتيوار ٽيسٽ وٺجي ته جيئن سمجهي سگهجي ته ٻار هوشيارائپ جي ڪهڙي ليول تي پهتل آهي. ٻارن جي اسڪول به ضرور وڃڻ گهرجي. ٻار جي پوزيشن معلوم ڪجي ته ٻار ڪيترو ذهين آهي يا اهو معلوم ڪجي ته پڙھڻ جو شوق گهٽيو آهي يا وڌيو آهي. پر اڄڪلھه جي والدين ۾ ذميداري جو احساس گهٽجي ويو آهي،

تعليمي تباهي ۽ مئنجمينٽ:

تعليمي ادارا قائم ته ڪيا وڃن ٿا پر صحيح معنيٰ ۾ انهن جي پرگهور نه ٿي لڌي وڃي. سرڪاري سطع تي قائم ٿيل ادارا مينهن جي واڙن ۽ وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، پر سرڪار ڪڏهن مڙي به وري انهن جي جانچ نه ٿي ڪري. پرائيويٽ اسڪولن وارا وري گهڻي قدر تعليم کي ڪاروبار سمجهي هلائين ٿا. ڳريون فيون رکن ٿا جيڪي غريب جي پهچ کان وڏيون هونديون آهن.

تعليم جي تباهي ۽ ڪورونا وائرس:

2019ع ۾ ڪورونا جي وبا ڪنهن ڪاريهر وانگر سڄي دنيا تي حملو ڪيو، جنهن سان دنيا جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو. جتي معاشي نقصان پهتا اتي ٻارن جي نفسيات سميت تعليم به تباهه ٿي وئي. سڄي سال ۾ ٻار 50 ڏينهن به مشڪل سان تعليمي ادارن ۾ ويا. سليبس ڪمپليٽ نه ٿيا. غريب ٻارن وٽ آن لائين ڪلاس وٺڻ لاءِ پئسا نه هئا جنهن سبب سندن گهڻو تعليمي نقصان ٿيو. وبا جي خوف الڳ ٻارن جي ذهنن تي منفي اثر ڇڏيا. ٻار نه رڳو اسان جو آئيندو آهن پر مستقبل جي روشن خواب جي تعبير آهن. اسان جي آس ۽ اميد آهن تنهن ڪري تعليم جي اوسر لاءِ سڀ ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي تعليم کي هٿي وٺرائڻي پوندي ته جيئن ترقي جا خواب ساڀيان ٿين.