سنڌ اندر 597 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر مقرر هجڻ جو انڪشاف

0
171

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت  اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ايشيائي جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڊز جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، سينيٽ ۾ صحت وزارت لکت ۾ جواب ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ صوبي اندر 597 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر آهي، صحت وزارت پاران چيو ويو ته ايشيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر ايڊز جي مريضن جي تعداد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن جو سبب سرنجن جو ٻيهر استعمال، بغير اسڪريننگ خون جي ٿيلهين جي دستيابي، منشيات جي نيڊل جي شيئرنگ شامل آهي،

حڪومت استعمال ٿيل سرنجن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، صحت وزارت هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ مجموعي طور تي 877 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهي، هن وقت ملڪ ۾ مجموعي طور تي 2 لک 65 هزار 384 ڊاڪٽر رجسٽرڊ آهن، جن ۾ پنجاب صوبي ۽ اسلام آباد اندر هڪ لک 25 هزار 566، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 955 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهي، سنڌ صوبي ۾ 87 هزار 389 رجسٽرڊ فزيشن ڊاڪٽر آهن، ائين سنڌ صوبي اندر 597 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر آهي، خيبر پختونخوا صوبي ۾ 36 هزار 952 ڊاڪٽر رجسٽر آهن،

ان صوبي ۾ هڪ هزار 64 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر آهي، بلوچستان ۾ 7 هزار 880 ڊاڪٽر آهن، بلوچستان ۾ 1794 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر آهي، آزاد ڪشمير ۾ 6697 ڊاڪٽر آهن، ائين آزاد ڪشمير ۾ 658 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر آهي، صحت وزارت اها به لکت ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته خيبر پختونخوا جي صوبي ۾ 76 لک 47 هزار 119 گهراڻن کي صحت ڪارڊ ملي چڪو آهي، پنجاب صوبي ۾ هڪ ڪروڙ 37 لک 63 هزار 960، فاٽا جي 12 لک 8 هزار 11، سنڌ صوبي جي ٿرپارڪر ضلعي جي 3 لک 13 هزار 436 گهراڻن کي صحت ڪارڊ  ڏنا ويا آهن، بلوچستان ۾ صحت ڪارڊ جي فراهمي جو زير عمل آهي.

 

ھي به پڙھندا

 

 

سنڌ ۾ سڀني صوبن کان گهٽ موٽرويز ۽ هاءِ ويز هجڻ جو اعتراف: مستقبل ۾ به گهٽ منصوبا ملندا