سنڌ ۾ سڀني صوبن کان گهٽ موٽرويز ۽ هاءِ ويز هجڻ جو اعتراف: مستقبل ۾ به گهٽ منصوبا ملندا

0
262
سنڌ ۾ سڀني صوبن کان گهٽ موٽرويز ۽ هاءِ ويز هجڻ جو اعتراف: مستقبل ۾ به گهٽ منصوبا ملندا
سنڌ ۾ سڀني صوبن کان گهٽ موٽرويز ۽ هاءِ ويز هجڻ جو اعتراف: مستقبل ۾ به گهٽ منصوبا ملندا

اسلام آباد : وفاقي حڪومت ملڪ کي سڀ کان  وڌيڪ آمدني ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر وي جو نيڪ ورڪ پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان کان به گهٽ هجڻ  جو اعتراف ڪيو آهي تفصيل موجب سينيٽ جوا جلاس ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا آفريدي جي صدارت ۾ ٿيو،  اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر شهادت اعواڻ جي سوال جو لکت ۾ جواب پيش ڪندي مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد ايوان کي ٻڌايو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ ڪل 13572 ڪلوميٽرن تي ٻڌل نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽرويز تعمير ٿيل آهن،

لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ مواصلات جي وفاقي وزير موٽرويز ۽ نيشنل هاءِ ويز جو نيٽ ورڪ چئني صوبن مان سڀ کان گهٽ سنڌ صوبي ۾ هجڻ جو اعتراف ڪندي ايوان کي  ٻڌايو آهي ته پنجاب صوبي ۾ 3881 ڪلوميٽر، خيبر پختونخوا ۾ 2345 ڪلوميٽر، بلوچستان ۾ 4128 ڪلوميٽر جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ 2224 ڪلوميٽرن تي قومي شاهراهون ۽ موٽرويز ٺهيل آهن، گلگت بلتستان ۾ 889 ڪلوميٽر ۽ آزاد ڪشمير ۾ 95 ڪلوميٽر جا موٽرويز ۽ قومي شاهراهون تعمير ٿيل آهن،

هن ايندڙ ٻن سالن دوران تعمير ٿيندڙ نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽرويز جا تفصيل پيش ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ٻن سالن دوران 7889 ڪلوميٽر تي قومي شاهراهون ۽ موٽرويز ٺاهڻ جا منصوبا تيار ۽ شروع ڪيا ويا آهن، جن ۾ بلوچستان صوبي اندر 3732 ڪلوميٽر، پنجاب ۾ 1453 ڪلوميٽر، خيبر پختونخوا ۾ 1356 جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ رڳو 717 ڪلوميٽرن تي قومي شاهراهه ۽ موٽرويز ايندڙ ٻن سالن ۾ تعمير ٿيندا