ڪراچي: سنڌ اسيمبلي  ۾پ پ ايم پي اي سليم بلوچ ۽ هيرسوهو جو نامياري محقق ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، ٺهراءُ تي ڳالهائيندي صوبائي وزير سردار علي شاهه،سليم بلوچ ،۽ اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ هوته گل حسن ڪلمتي سنڌ جو اثاثو هو،جنهن ڪراچي سنڌ جي مارئي  ۽ سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ جهڙا ڪتاب لکي نوجوانن کي سنڌ جي تاريخ کان روشناس ڪرايو، جنهن جو خال ڀرجڻ جوڳوناهي ، ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي جي ڪنهن روڊ يا اسڪول کي گل حسن ڪلمتي جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي.