ملير (رپورٽ: ناز شر) سنڌ جو برک محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي ڪينسر جي موذي مرض سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو، ساس پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان، ان ڏس ۾ڪراچي جي انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکندڙ ناليوارو محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي ڪينسر جي موذي مرض سان جهيڙيندي مقامي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو، سندس جي لاڏاڻي جي خبر تي ملير سميت سڄي سنڌ سوڳ ۾ وٺجي وئي،گل حسن ڪلمتي ڪينسر جي بيماري سبب ڊائو اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. سندس جنازي نماز ملير جي ملا عرضي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، آخري رسمن ۾  پ پ ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، ايم پي اي سليم بلوچ، پ پ ملير جي صدر ۽ خاص معاون سلمان مراد، سيد خداڏنو شاھ، قادر بخش ڪلمتي، انور بلوچ، ڪراچي  ضلعي ڪائونسل جي ايڊمنسٽريٽر نورحسن جوکيو،  ڊاڪٽر ايوب شيخ، رُخمان گل پالاري، ڊاڪٽر شير مهراڻوي، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، اڳوڻي ڊي آءَ جي خميسو خان ميمڻ سميت سوين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ، اديبن شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد گل حسن ڪلمتي کي سوين آلين اکين سان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت گل حسن ڪلمتي کي شاندار ڀيٽا پيش ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، هوڏانهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو گل حسن ڪلمتي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گل حسن ڪلمتي پاڪستان جو اثاثو هو، سندس روح ۾ ڪراچي جي تاريخ ۽ ان جي تاريخي اثاثن سان محبت انتها درجي تائين سمايل هئي، دعاگو آهيون ته الله سائين مرحوم جي خاندان کي صبر جي توفيق عطاءَ ڪري، هوڏانهن.سنڌ جي وڏي وزير مرادشاهه، گورنر ڪامران ٽسوري،  ثقافت ۽ تعليم جي وزير سيد سردار شاهه،  اڳوڻي پ پ سينيٽر سسئي پليجو ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه گل حسن ڪلمتي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو  آهي ته سندس ڪراچي شهر جي ثقافت، آرڪيالاجي ۽ تاريخ تي ڪيل تحقيق ايندڙ وقت جي محققن لاءِ رهنمائي ثابت ٿيندي، گل حسن ڪلمتي جو خال ڀرجڻ مشڪل آهي.