سنڌڙي (ن پ ا) سيشن ڪورٽ ميرپورخاص جي حڪم تي کاڻ پوليس جو زميندار خانگو مري جي نجي جيل تي ڇاپو ھڻي 10 ھاري بازياب ڪرائي ورتا، جن ۾ 2 عورتون، 5 ٻار شامل آھن، بازياب ٿيلن ۾ مصري ڀيل، شريمتي پارتي، لالچند، سارنگ، چندريو، دولت، خيمسو، شازيه، درڳا ۽ ٻيا شامل آھن. بازياب ٿيلن دانھيو ته اسان تي زميندار تشدد ڪندو ھو ۽ سڄو ڏينھن جبري پورھيو وٺندو ھو، بازياب ٿيلن کي کاڻ ٿاڻي تي آندو ويو جن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.