ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته ميڊيا هائوسز کي رهتن جي ادائگي، سنڌ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل، سنڌ ڊجيٽل ميڊيا پاليسي، نيوزيم جو قيام ۽ پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام ترجيح ۾ شامل آهن.. ڪالهه اطلاعات کاتي جي اجلاس ۾هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هدايتون ڏنيون آهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جون سموريون رهتون ادا ڪيون وڃن، هن چيو ته فنڊز موجود آهن، رڳو قانوني گهرجون پوريون ڪري ميڊيا هائوسز کي ادائيگيون ڪيون وينديون، صوبائي وزير هدايت ڪئي ته ته سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ڏانهن اشتهارن جي مد ۾ نان بجيٽيڊ  بقايائن جي اوڳاڙي لاءِ سمري تيار ڪئي وڃي ته جيئن بقايائن جي ايٽ سورس ڪٽوتي ڪرائي وڃي.هن هدايت ڪئي ته سنڌ جرنلسٽ بل ۽ سنڌ ڊجيٽل ميڊيا پاليسي کي پڻ حتمي شڪل ڏني وڃي، هن چيو ته سنڌ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل ايندڙڪابينا اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪرڻو آهي. هن چيو ته اطلاعات کاتي پاران نيوزيم قائم  ڪيو پيو وڃي، جنهن  ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تاريخ کي اجاگر ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ حڪومت پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام پڻ شروع ڪري رهي آهي، صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ترقياتي ڪمن ۽ عوامي ڀلائي جي پاليسين جي موثر تشهير لاءِ فلم سيڪشن کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ننڍيون ننڍيون ڊاڪيومينٽريون تيار ڪيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت خلاف پروپئگنڊا جو موثر ۽ ترت جواب ڏيڻ لاءِ هيڊ ڪوارٽر کانسواءِ ڊويزنل سطح تي پڻ نظام جوڙيو وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات اعجاز بلوچ ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا.