سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ڀرسان چڪ 22 جمڙائو ۾ دڪان جي ڇت جي مرمتي ڪم دوران بجلي جي يارنهن هزار وولٽيج تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 23 ورهين جو پورهيت نشو ولد نيلو ڪڇي ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث سانگهڙ سول اسپتال کڻائي آيا، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، سندس وارث سانگهڙ سول اسپتال مان بغير پوسٽ مارٽم لاش شاهپور چاڪر کڻائي ويا. هواڏنهن فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسين غريب مسڪين آھيون اسان جو نوجوان رازپي جو ڪم ڪري پنهنجي گهر وارن جو پيٽ پاليندو هو سندس اوچتي حادثاتي موت سبب اسان جو ويڙھو ويران ٿي ويو آھي.