سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ ربن سميجو ۾ زرعي زمين تي هلندڙ ٽريڪٽر لفٽ مشين جي شافٽ ۾ وچڙي نينگر حافظ محمد ھاشم سميجو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳوٺاڻن تعلقي اسپتال پنوعاقل پهچايو، جتي سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ٻچڙﻱ جو لاش ڏسي وارث اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا.