ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ جلال آباد وٽان جمڙائو ڪينال مان تازي ڄاول ٻار جو ترندڙ لاش هٿ آيو، آبپاشي عملي ۽ ڳوٺاڻن ترندڙ لاش کي ڪڍي ورتو. جڏهن ته اطلاع ملڻ تي ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تازي ڄاول ٻار جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پهچايو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ٻار جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.