سنجهورو ( ن پ ا) سنجهوري ڀرسان زمين مان  ڏامر نڪرڻ لڳو، ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کان زمين  جي کوٽائي ڪرائڻ جي گهر ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾   تيل ، گيس ۽ معدني وسيلن سان مالامال ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي ديھه 21 جمڙائو ۾ موجود مقامي پ پ پ اڳواڻ فهد مکي آرائين جي زرعي زمين کي کوٽڻ سان ڏامر جا ٽڪڙا نروار ٿين ٿا، جيڪو سلسلو 5 ڏينهن کان جاري آھي، ان حوالي سان زمين کيڙيندڙ هاري ڌرمون ڀيل مطابق زرعي زمين جنهن ۾ هن وقت وونئڻن جو فصل پوکيل آھي ان زمين ۾ جيئن جيئن ڏينهن گرم ٿئي ٿو اوتري تيزي سان ڏامر جا ٽڪڙا ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿا، زرعي زمين مان ظاهر ٿيندڙ ۽ نڪرندڙ ڏامر جا ٽڪرا مقامي ڳوٺاڻا پنهنجي استعمال لاءِ کڻي وڃن ٿا ، هوڏانهن مقامي زميندار فهد مکي آرائين، سماجي اڳواڻن احسان الله جمالي ، امين آرائين ، الطاف آرائين ۽ توڙي ٻين  ڊي سي سانگهڙ ، سنجهورو آئل اينڊ گيس فيلڊ سميت سنڌ جي کاڻين ۽ معدني وسيلن جي کاتي جي عملدارن کي اپيل ڪئي آھي ته ڏامر نڪرندڙ زرعي زمين جي سروي ۽ جاچ ڪئي وڃي.