مدئجي (رپورٽ: معظم ڀٽو) مدئجي ۾ گهرو معاملي تان سئوٽن ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ چاقو لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب مدئجي شهر جي مشواڻي پاڙي ۾ مشواڻي برادري جي سئوٽن ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي مٿان چاقن ۽ لٺين سان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ چاقو ۽ لٺيون لڳڻ سبب نوجوان پرويز مشواڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث تعلقي اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته هن رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول جو لاش مدئجي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ھوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته مشواڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ مبينا گهرو مامري تان جهيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ چاقو لڳڻ سبب پرويز مشواڻي قتل ٿي ويو، پوليس ٻڌايو ته مشواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيڻ واري اطلاع تي پهتاسين جتي نوجوان پرويز قتل ٿيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.