حيدرآباد: ايچ ايل ايف ۾ ”ماحولياتي تبديليون ۽ سياري جو مستقبل“ جي موضوع هيٺ سيشن ۾ ڳالهائيندي ماحولياتي ماهر محمود عالم خالد چيو ته ماحولياتي تبديلي جا اثر شديد گرمين، طوفانن ۽ ٻوڏ سميت ٻين آفتن جي صورت ۾ نروار ٿين ٿا. اسان وٽ اهي سڀ آفتون موسمياتي بحران جي شروعات آهن. انهن تبديلين تي ضابطو آڻڻ جو وقت گذري ويو. دنيا جا سائنسدان ماحولياتي تبديلين بابت حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ مختلف وقتن تي خبردار ڪندا رهيا پر ان بابت ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي. هن چيو ته هاڻي سائنسدان ماحولياتي تبديلين جي موضوع تي ڳالهائڻ کان لنوائين ٿا ڇاڪاڻ ته هو عوام کان خوفزدہ آهن. موسمياتي تبديلين جو نشانو دنيا جا غريب ملڪ بڻيا آهن. هن چيو ته 20 سالن ۾ ڪيتريون ئي بهار جون موسمون گذري ويون پر هتي بهار آئي ئي نه آهي. ان تي ڪابه تحقيق نه ٿي سگهي آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن قدم نه کنيا ويا ته اسان تباهي طرف هليا وينداسين. ماحولياتي تبديليون موت برابر آهن جن بابت اسان کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻي پوندي. ذيشان شاهه چيو ته ماحولياتي ناانصافي جيتري پاڪستان سان ٿي آهي اوتري ڪنهن ٻئي ملڪ سان نه ٿي آهي. هاڻي ماحول ايترو ته خطرناڪ ٿي ويو آهي جو اسان جون موسمون به ڳڙڪائي چڪو آهي. ماحوليات کي نصاب جو حصو هجڻ گهرجي. عالمي جنگ ۾ ايترا ماڻهو نه مئا جيترا ماحولياتي تبديلي ۾ مرڻا آهن.