حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماحولياتي ۽ معاشي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته موسمياتي تبديليون خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهيون آهن. انهن ماحولياتي تبديلين کي منهن نه ڏنو ويو ته لکين انسان موت جي ورچڙهي ويندا. ماحول ايترو ته تبديل ٿيو آهي جو بهار سميت ڪيتريون ئي موسمون به ڳڙڪائي ويو آهي. ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن انجنيئرن جو ڪم زميندارن ۽ سردارن حوالي ٿيو ته تباهي کي ڪير به منهن ڏئي نه سگهندو. اهڙو اظهار انهن حيدرآباد ليٽريچر فيسٽيول جي مختلف سيشنن ۾ ڳالهائيندي ڪيو آهي. ”ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال“ جي موضوع هيٺ سيشن ۾ ڳالهائيندي نامياري معاشي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته سرداري ۽ زمينداري نظام جي خاتمي کانسواءِ سنڌ ترقي ڪري نه سگهندي. طاقتور ماڻهو ڪنهن جي نٿا ٻڌن. اسان اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به شيءِ کي سڌو ناهي ڪرڻو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جا پئسا اچڻ کانپوءِ اسان وساري ڇڏينداسين ته اسان کي ڇا ڪرڻو هو. ماڻهن جي سرمائيدارن، وڏيرن، سردارن ۽ عوام دشمن حڪمرانن کان جان آجي ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي روڊن تي نڪري گوڙ ڪرڻو پوندو ته جيئن حڪمران مجبور ٿي سندن مالڪي ڪن. قيصر بنگالي چيو ته وڏيرن جا فش فارم ۽ انهن جا ننڍا ننڍا ڊيم تباهي جو وڏو سبب آهن. هن دفعي زميندارن طئي ڪيو ته ڪٽ ڪٿا لڳڻو آهي ۽ ڪٿان نه لڳڻو آهي. ڊپلوميٽ جميل احمد خان چيو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجا وسيلا وڌائڻا پوندا. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ پلان تي عمل ٿيڻ گهرجي. پروفيسر ڊاڪٽر الطاف سيال ٻڌايو ته ٻوڏن ۽ ڏڪارن جي نوعيت مختلف آهي. اسان جي قدرتي وهڪرن مان اڪثر وهڪرا قبضي هيٺ آهن. آبپاشي ۽ ڊرينيج نظام کي اپگريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. زمينداري بندن کي ختم ڪيو وڃي. سپريو بند ۽ خدا واهه بندن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. صحافي عافيه سلام چيو ته اسان ٻوڏ جي تباهين جو سڄو بار ماحولياتي تبديلين تي وجهندا آهيون پر پنهنجن غلطين کي نه ڏسندا آهيون. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن جي پاڻي کي اسان جو سسٽم منهن ڏئي نه سگهيو. ماحولياتي تبديليون ته مسئلو آهن پر اسان ڇا ٿا ڪريون ان جي خبر نٿي پوي. هن چيو ته اسان جي شهرن جي ڊرينيج اسڪيمن ۾ به وڏيون خرابيون آهن. سينيئر صحافي محمد حسين خان چيو ته ميڊيا ٻوڏ جي صورتحال کي سمجهي ناهي سگهندي. ميڊيا جا دوست سوشل ميڊيا تي اکيون رکيو ويٺا هوندا آهن. صحافين جي ڪا به تربيت نٿي ٿئي ان ڪري انهن جي تربيت جو سلسلو شروع ٿيڻ گهرجي. لياقت شيخ چيو ته اسان وٽ ڏڪار به آيا آهن پر 2010ع کان وٺي برساتن جي تباهڪارين جو سلسلو شروع ٿيو. هي مسئلا رڳو اسان وٽ نه ٿيا آهن سڄي دنيا ۾ ائين ٿئي ٿو پر اسان جي ڪوتاهين جي ڪري اسان جو نقصان وڌيڪ ٿئي ٿو. انجنيئر شفقت وڌو چيو ته جاگرافي کان واقف هجڻ کانسواءِ اسان ٻوڏ جهڙن مسئلن کي سمجهي نه سگهنداسين. هن ڀيري برسات گهڻي پئي پر ان ۾ انساني غفلت جي ڪري تباهي آئي. هاڻي روڊن جي تعمير ۽ ريلوي لائين وڇائڻ ۾ پاڻي نيڪال جو ڪو به نظام نٿو ٺاهيو وڃي. ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته جيستائين پاڪستان جو پاڻي نظام عوام دوست نه ٿيندو تيستائين مسئلا به حل نه ٿيندا.هر ڪو چاهي ٿو ته مسئلا ڀلي اتي ئي پيا هجن ۽ اسان پنهنجي حڪومت جو وقت پورو ڪري هليا وڃون. پاڻي جي مسئلي تي سنڌ حڪومت مڪمل طور تي وفاق سان معاملن مان هٿ ڪڍي وئي آهي. هن وقت سنڌ ڊرين بيسن بڻجي وئي آهي. عزيز رانجهاڻي چيو ته اسان وٽ سدائين سنڌو جو ساڄو پاسو ٻڏندو رهيو آهي. 1932ع کان پهرين ڪجهه بند هئا جيڪي زمينداري بند به هئا ۽ انهن بندن کي زميندار پاڻ سنڀاليندا هئا. ان کانپوءِ بئراج ٺهيا پر بئراجن جي باوجود ٻوڏون رڪجي نه سگهيون. اڙل ۽ دانستر واهه جي ڊسچارج وڌائڻ گهرجي. صحافي نثار کوکر چيو ته پاڪستان جي نام نهاد ميڊيا کي ٻوڏ نظر نه ايندي آهي. جڏهن عالمي ميڊيا ٻوڏ جي ڪوريج لاءِ پهتي ته اسان جي ميڊيا به اچي اتي پهتي.