ٽنڊو ڄام ( رپورٽ مبين مگسي ) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان جو سنڌ ۾ دوري جي اعلان ڪرڻ بعد پي ٽي آئي سنڌ جا اڳواڻ سياسي جوڙ ٽوڙ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن پي ٽي آئي سنڌ جي صدر علي زيدي ،ايم اين اي لعل مالهي، خاوند بخش جھيجو، غلام رسول انڙ، مبين جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شموليت جي دعوت کڻي ن ليگ جي اڳواڻي سينٽر راحيلا گل مگسي جي رهائش گاهه پهتا، جتي راحيلا گل مگسي سان سياسي معاملن تي ڳالھ ٻول ٿي مگسي هاوس جي ذريعن ڄاڻ ڏني ته پي ٽي آءِ جي وفد پارٽي ۾ شموليت جي دعوت کڻي پهتو آهي ، راحيلا گل مگسي پنهنجي ساٿين سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد حتمي فيصلو ڪندي، پي ٽي آئي جو وفد ٽنڊو الهيار جي سياسي شخصيت حاجي خير محمد کوکر سان به پڻ ملاقات ڪري کيس پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي، پنهنجي اخبار کي پي ٽي آئي جي اعتبار جوڳن ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته پي ٽي آئي سنڌ  ۾ پيپلزپارٽي سان نارض سياسي شخصيتن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پارٽي سربراهه پاران ارباب غلام رحيم ،لياقت جتوئي،علي زيدي ۽ ٻين کي ٽاسڪ ڏنو آهي  ته مرتضيٰ خان جتوئي، مهر، شڪيل جلباڻي، مسرور خان جتوئي، عارف جتوئي ۽ ٻين شخصيتن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏنيون وڃن. عمران خان جي دوري اڳ ملاقاتون ڪري معاملا فائنل ڪيا ويندا ته جئين عمران خان جي موجودگي ۾ شموليت ٿي سگهن. پي ٽي آءِ جي ذريعن موجب گهوٽڪي، حيدرآباد، نوشهروفيروز جي سياسي شخصيتن سان معاملا طئه ٿي ويا آهن، عمران خان جي دوري دوران شموليت جو امڪان آهي. ارباب غلام رحيم ،لياقت جتوئي علي زيدي کي ٽاسڪ ڏنو اٿن ته شموليت ڪرايو. ٻئي طرف سجاول جي 2013ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي پي ايس 86 تي شاهه حسين شيرازي سان مقابلو ڪري 500 ووٽن تائين هارائيندڙ پروين جمال لغاري پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو  اعلان ڪيو. پروين لغاري سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسيپڪر ريحانا لغاري جي مائٽ ٻڌائي وڃي ٿي.