سماجي خاليپڻو ۽ شھرتن جو ديس

0
137
آسمان-تان-لھي-آيل-درد

  خود نمائي، خود ساراھي، جن کي عام لفظن ۾ پاڻ ٻڏائڻ به چئجي ٿو، ڪي چون ٿا ته اھو ھڪ رويو آھي، ۽ ڪن جو چوڻ آھي ته اھا ھڪ بيماري آھي، يا وري ڪن جي راءِ آھي ته ان جو سڌو سنئون تعلق احساس محروميءَ سان آھي، جيڪي ماڻھو پنھنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ ڪنھن محروميءَ جو شڪار رھيا ھجن، سندس دلي تمنائون پوريون نه ٿي سگھيون ھجن، يا کين نظر انداز ڪيو ويو ھجي يا ڪنھن عيب يا نقص جي ڪري هميشه لفظي تيرن جو نشانو ٿيا ھجن يا پنھنجي ڪنھن ڪاھلي، سستي، ڏڏائپ، اڻ ھوند ياکوٽ سبب، سماج جي روين جي ور چڙھي ويا ھجن، کين ايئن محسوس ٿيندو ھجي ته کين نشانو بنايو ٿو وڃي، ۽ مٿان وري اھو بانور ھجي ته مان بلڪل درست آھيان چوڻ وارو مونکان حسد ۽ ساڙ جي بنياد تي اھڙيون حرڪتون ڪري رھيو آھي، يا وري گھر ۾ مونکي اھميت نه ٿي ملي ڇوته آءُ رنگ جو سانورو آھيان، ياوري منھنجو نمبر ٻيو، ٽيون يا چوٿون آھي،

اھميت يا ته صرف پھرين نمبر کي آھي يا آخري نمبر کي آھي. اھڙي قسم جا سوين سوال جڏھن ذھن ۾ اڀرندا آھن ته ماڻھو فيصلو نه ڪري سگھندو آھي ته صحيح ڇا آھي يا غلط ڇا آھي؟ انھيءَ عرصي ۾ جيڪڏھن اوھان جو ڪو ساٿي يا وڏو، استاد اوھان جي رھنمائي نٿو ڪري يا اوھان خود پاڻ پنھنجين خامين ۽ عيبن تي نٿا سوچيو يا انھن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪريو ته پڪ سمجھو اوھان اڳتي ھلي اھڙين حالتن جا شڪار ضرور ٿيندئو ۽ اوھان جي سوچ ۾ صرف بدلو وٺڻ، پلاند ڪرڻ ۽ ٻئي کي ساڳين حالتن جو شڪار ٿيندي ڏسي خوشي محسوس ٿيندي پوءِ اوھان اھل ماڻھن تي به ٽوڪ ٺٺول ۽ تير اندازيءَ جو مظاھرو ڪندئو ۽ ان ڳالھه تي فخر محسوس ڪرڻ لڳندئو. پوءِ اھا نوبت سنگت تي ته ڇا پر اوھان سان سلھاڙيل ھر ڪردار تائين پھچي وِيندي ۽ اوھان کي اھو محسوس به ڪونه ٿيندو ته مان ڪنھن جو پٽڪو ڌوڙ ڪري ڇڏيو آھي يا مون ڪنھن حساس ماڻھوءَ کي رنجايو آھي، اھڙي احساس محرومي اوھان کي ته سڪون ڏيندي پر ڪنھن ڀرپور سگھه واري ماڻھوءَ کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيندي.

اسان وٽ مقابلي جي مفھوم کي سمجھيو ئي نه ويو آھي، اسان وٽ مقابلو صرف کٽڻ، جيتڻ يا ٻئي تي ڀاري پوڻ ئي کي سمجھيو ويندو آھي، ھار ۾ اسان کي موت نظر ايندو آھي، ۽ مھڻو، معيار نظر ايندي آھي، جڏھن ته سڌريل قومون ھار کي سامھون رکي اڳتي حوصلو ڪرڻ ۽ پنھنجين ناڪامين جا سبب ڳولي وڌنديون آھن. خفت ۽ عشق ۾ سنڌو ضرور ڪرڻ گھرجي، جيئن جنون ۽ جدوجھد ۾ فرق آھي.

مون اھڙا ڪيترائي ماڻھو، انسان ڏٺا آھن جن کي حاصلات جو جنون هميشه سوار ھوندو آھي ۽ اھي پنھنجا ٽارگيٽ نه پر پرائي منزل تي اک رکي سندرو ٻڌي بيھندا آھن ته مونکي به ايئن ڪرڻو آھي ۽ ان منزل تي پھچڻو آھي پر اھا سندس وس جي ڳالھه نه ھوندي آھي، جنھن انسان اھا منزل حاصل ڪئي پھريان ته ان تي غور ڪرڻ گھرجي ته کيس ڪھڙين حالتن مان گذرڻو پيو، ڪيتري تڪليف برداشت ڪرڻي پئي، ڪھڙي قرباني ڏيڻي پئي، سندس سوچ ڪھڙي ھئي، سندس ذھني صلاحيتون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون ھيون. يا ڪيترو وقت درڪار ھو. ان کان پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪجي ته بھتر ٿيندو. وسيلا ذريعا جاچڻ کان بنا سندرو ساھڻ احمق پڻو ھوندو. پر ڇاڪجي پرائي شھرت، عزت ڏسي ٻڌي اسان به لٽا لاھي ٿا بيھون ته اجھو ڪي اجھو اھي ڏينھن منھنجي مقدر ۾ به اچڻ وارا آھن. مور جي چال تي ڪانءُ پنھنجو ھلڻ به وساري ويھندو آھي ۽ پوءِ اھو ساڳيو حال اچي ٿيندو آھي ته شڪست سنڀالجي ڪونه سگھندي آھي ۽ انتقام جي راند شروع ٿي ويندي آھي جنھن مان حسد ۽ ساڙ جا نعرا گونجڻ لڳندا آھن. پوءِ وري شڪايتون سنگت سان ڪبيون ته ھن معرڪي ۾ اوھان منھنجو ساٿ ڪونه ڏنو نه ته اھو سڀڪجھه منھنجي کٻي ھٿ جو کيل ھو. نشاني خطا ٿيڻ جا ذميوار دوست، عزيز، مٽ مائٽ ۽ گھڻ گھرا ٿي پوندا ۽ هميشه زبان ۽ بيان جي زد ۾ رھندا.

تنھن ڪري وڏڙن اھڙن موقعن ۽ مھلن جي حوالي سان ڪيتريون ئي چوڻيون، پھاڪا ۽ اصطلاح پڻ مروج ڪري سمجھائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي ته “ھلڻ پاڻ کان ڪونه ٿئي لک لعنت گوڏن تي.  لھي ليڙ به ڪونه ڳالھيون تاڪين جون،پاڻي کان اڳ لٽا لاھڻ، حرص جي حوض ۾ ٽپو ڏيڻ،  لڀي ميٽ به ڪونه ھلي آ ملياڻي ٿيڻ“.

سو اڄ جي دور ۾ پنھنجي ساراھه ڪرڻ، پاڻ کي عقل ڪل سمجھڻ، ۽ رڪارڊ قائم ڪرڻ جي ڊوڙ ايتري ته وڌي وئي آھي جو پراڻا رڪارڊ ٽٽي ويا آھن، ماڻھو پنھنجا رڪارڊ ميمري ڪارڊن ۾ يا يو ايس بين ۾ کڻي گھمي رھيا آھن، ياوري فيس بوڪ تي پوسٽ رکي لائيڪ ۽ ڪمينٽ ذريعي خودنمائي ڪري رھيا آھن ھاڻي ته حاجي ۽ زوار چوڻ وارو دور به ختم ٿي ويو جنھن ۾ مشڪل ڪم جو مثال ڏنو ويندو ھو. ھاڻي ته رڳو واھه واھه، زبردست، نائيس، ويري گڊ جو دور آھي جنھن جي آڌار تي ھرڪو پنھنجي ساراھه جي لمٽ طئي ڪري وتي ٿو ٻانھون ڪنجيندو. اڳي مثال ڏنو ويندو ھو ته سڃاڻي ڦاٽڪ وارو به ڪونه ھليو آ ھام ھڻڻ، سو اھي ڦاٽڪ وارا ئي مري ويا جيڪي ڪنھن جي ٻڌندا ئي ڪونه ھئا، ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکندا ھئا. ھاڻي اسان جي دعا سلام فيس بوڪ تي جام آھي، راڄ سڃاڻي نه سڃاڻي وڃي ڌوڙ پائي. سو شھرتن، عزتن، جو سھارو فيس بوڪ، پٽڪو پارائڻ، پٽڪو لھرائڻ جو سھارو به فيس بوڪ، منٽ ۾ ڪو عزتدار ٿيو وڃي، منٽ ۾ ڪنھن جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي وڃي.