گلوبل وارمنگ سڄي دنيا لاءِ خطري جي گهنٽي

0
180
گلوبل وارمنگ سڄي دنيا لاءِ خطري جي گهنٽي

 ڌرتي جو گولو مسلسل گرمائجي رهيو آهي جنهن کي سائنس جي  ٻولي ۾ گلوبل وارمنگ چئبو آهي.

  گلوبل وارمنگ جو سادي ٻولي ۾ جيڪڏهن مثال ڏجي ته سياري ۾ اسان جيڪو ڪمبل پايون ٿا ان ۾ ڪنهن قسم جو ڪو هيٽر لڳل ناهي هوندو پر پوءِ به سياري ۾ اسان جي جسم کي گرم رکي ٿو، اها گرمي اسان جي جسم جي هوندي آهي جيڪا ڪمبل جي ڪري مسلسل ٽريپ ٿيندي رهي ٿي ۽ اسان جو جسم گرم ٿيندو رهي ٿو.

                 اهو ساڳيو عمل ڌرتي جي وايومنڊل ۾ ٿيندو آهي. ڪاربان سائيڪل جي تباهي جي سبب جي ڪري اوزون گئس تائين ڪاربان گئس پهچي چڪي آهي جيڪا اوزون گئس ۾ وڏا خال پيدا ڪري رهي آهي ۽ اوزون گئس سج جي خطرناڪ الٽراوايولڪ شعاعن کي جذب ڪري ڌرتي جي برداشت مطابق روشني جا ڪرڻا موڪلڻ جو ڪم ڪندو آهي. پر صنعتي دور جي شروعات کان پوءِ گلوبل وارمنگ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ان جا مکيه ڪارڻ فوسل فيول جو وافر مقدار ۾ استعمال ٻيلا ڪٽي ان جي جاءِ تي مختلف انساني سيٽلمينٽ قائم ڪرڻ آهي. قدرتي ماحول جي تباهي جي ڪري هاڻ ڪاربان سائيڪل ڊسٽرب ٿي ويو آهي ان جا خطرناڪ اثر  هاڻي اسان کي  ٻوڏن ،طوفانن، زلزلن، ۽ سونامين جي شڪل ۾ وڏو هاڃو رسائي رهيا آهن. ان کان علاوه ڌرتي جي ٻنهي پول تي پيل برف ڳري سمنڊ ۾ پئجي رهي آهي ان ڪري سمنڊ جي سطح به مسلسل چاڙهه ڪري رهي آهي سامونڊي چاڙهه سبب ڪناري وارن شهرن کي امڪاني سونامي توڙي لهرون توڙي ويرون ڳڙڪائي وينديون جنهن ۾ اسان جي سامونڊي پٽي وارن شهرن کي تمام گهڻو خطرو آهي، جنهن ۾ ٺٽو، سجاول، جاتي ،بدين ۽ رڻ ڪڇ جا مختلف ايريا سمنڊ م اچي ويندا.

تنهن ڪري اسان کي مسلسل نان رنيوايبل ريسورسز يعني پيٽروليم جو استعمال،  پاور ڊپارٽمينٽ يعني انڊسٽريون، بجلي گهرن کي قدرتي توانائي تحت سيٽ اپ ڪري رنيوايبل ريسورسز ۾تبديل ڪري ونڊ ٽربائين ۽ سولر سسٽم تحت لڳائڻو پوندو  ۽  ٽريفڪ جي غيرضروري استعمال کي به گهٽائي ريلوي وانگر اجتمائي سواري کي يقيني بڻائڻو پوندو. پرائيوٽ ۽ سنگل گاڏين جي استعمال کي ڪنٽرول ڪندي ميٽروپولٽن شهرن ۾ ميٽرو بس سروسز جهڙيون بسون هلائڻيون پونديون. ڪوشش ڪري اليڪٽرڪ گاڏيون استعمال ڪرڻ کپن ۽  غيرضروري تابڪاري مادي توڙي غيرضروري هٿيارن جي تجربن کي روڪڻو پوندو. راڪيٽ توڙي آسماني سيٽلائيٽن ۾ سولر سسٽم جي استعمال کي يقيني بڻائيندي ڌرتي جي گولي کي گرمائڻ کان بچائي سگهون ٿا. ان کان علاوه انڊسٽريل ايريا ۽ مصروف ترين شاهراهن تي وافر مقدار ۾ وڻن جي پوکائي کي يقيني بنائڻ لاءِ گورنمنٽ کي قانون آڻڻا پوندا. هي عمل انفرادي طور ڪنهن هڪ ملڪ جي وس ۾ ناهي ان لاءِ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن کي اڳتي اچي موسٽ انڊسٽريل ملڪن کي فري انرجي تي باقائده آماده ڪري فوسل فيول جي استعمال کي گهٽائڻ توڙي وڻن جي پوکائي کي هٿي وٺرائڻي پوندي. ٻي صورت ۾ ڌرتي جي مسلسل گرمي پد جي ڪري تقريبن ملڪن جا ساحلي علائقا سريلنڪا جهڙا ٻيٽ هلندڙ صدي جي آخر تائين هن ڌرتي جي گولي تان ميسارجي ويندا. اسان جي ساحلي پٽي ۾ سمنڊ جا پير ڄامشوري سيليمنٽري جي پٿرن ۾ ملن ٿا يعني اسان وٽ سنڌو جو ڊيلٽا ڄامشوري ۾ هو. جڏهن ته وارياسن ريگستانن کي پڻ مئل سمنڊ چيو وڃي ٿو يعني اسان جو صحرا ٿرپارڪر به ڪنهن زماني ۾ سمنڊ هوندو هو ۽ گلوبل وارمنگ ڪري اهي علائقا وري ري اسٽور ٿي سگهن ٿا.

گلوبل وارمنگ جا تازا ڪجهه نقصان جنهن کي اسان گذريل ٻن ڏهاڪن کان منهن ڏيئي رهيا آهيون انهن ۾ موسمياتي برساتن جو معمول کان وڌيڪ  پوڻ، ڪنهن سال خشڪ سالي ۽ وري ٻئي سال ٻوڏ، ان سان گڏوگڏ سامونڊي طوفان ، سونامي جا امڪان پڻ وڌي ويا آهن، ڌرتي تي مسلسل گرمي پوڻ سبب ڌرتي جي ڪور ۽ مينٽل جي گرمي پد وڌڻ جي ڪري غير ضروري زلزلن ۾ پڻ واڌ سان گڏ والڪينو به هاڻي ايڪٽو ٿي رهيا آهن. ماهرن جي مطابق گرمي جي ڪري هاڻي کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي انهن سڀني جو سبب گرمي پد ۾ واڌ آهي. کنوڻ ريگستاني علائقن ۾ گهڻيون ڪرنديون آهن انهي جو سبب ريگستان گرم هئڻ ڪري برسات وسڻ دوران پاڻي جي واپس ايواپوريشن جي ريشو وڌيڪ هئڻ ڪري کنوڻ جي ڪاٽو برقين کي ڌرتي جي واڌو برقين جو  هڪ بهترين ميڊيم ملي ويندو آهي جنهن ڪري ريگستان ۾ اڪثر کنوڻ ڪرڻ جا واقعا گهڻا رڪارڊ ڪيا وڃن ٿا.

انهن کان بچڻ لاءِ ميڊيم يعني کنوڻ جي دوران وڻن کان پاسو ڪجي، ڪوشش ڪجي ڳوٺ ۽ شهرن جي مختلف محفوظ جاين تي وڏيون اينٽينائون لڳائي  انهن کي زمين جو مضبوط ارٿ ڏنو وڃي جيئن کنوڻ کي هڪ آزاد ۽ بنا نقصان وارو ميڊيم ملي وڃي ۽ انساني توڙي پالتو جانورن جي نقصان بچي سگهجي.