رياض (م ڊ) سعودي عرب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. هڪ انٽرويو ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان السعود چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار ۾ گهٽتائي کي ڀيلڪار ڪريون ٿا. سعودي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان نه رڳو پاڪستان پر خطي جي سيڪيورٽي لاءِ به اهم آهي، پاڪستان افغانستان جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورين پاليسين ۾ بنيادي زور ڪنهن به قوم جي عوام جي خوشحالي کي هٿي تي هئڻ گهرجي. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب وارو دورو انتهائي اهميت جوڳو آهي، سعودي شهزادو به پاڪستان جي دوري جي خواهش رکي ٿو. خوشي آهي ته پاڪستان اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسلاموفوبيا جي خلاف او آءِ سي جو ڪردار به اهم آهي، هن اهم مسئلي بابت اسلامي ملڪن ۾ ڳالهيون ضروري آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دوري ۾ واپار، معاشي تعاون تي ڌيان هو. شهزادي محمد بن سلمان پنهنجي دوري ۾ مخصوص پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪرڻ جي اعلان جو فيصلو ڪيو آهي، وڌيڪ پاڪستاني قيدين جي آزادي بابت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته سعودي عرب ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. ٻئي ملڪ ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ملي ڪم ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي وزير انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ان کان علاوه سعودي ولي  عهد شهزاده  محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، هن جي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي به صحيحون ٿيون. سعودي خبرون ڏيندڙ ايجنسي ايس پي اي موجب سعودي شهزاد شهزاده محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم پاڪستان عمران خان قصرالسلام جده جي ايوان ۾ ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام جي موضوع تي ڳالهيون ڪيون. سعودي پاڪستاني اعليٰ رابطا ڪائونسل جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻن معاهدن ۽ ٻن مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.