رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ رهڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ خوشخبري، حرمين شريفين جي نگران بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي شهريت ڏيڻ واري قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب ۾ شهريت ڏيڻ جو اختيار ولي عهد ۽ وزيراعظم کي ڏنو ويو آهي، شهريت ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ولي عهد ڪندو، پيءُ پرڏيهي ۽ ماءُ سعودي آهي ته پوءِ سعودي عرب ۾ شهريت ڏيڻ جو اختيار سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم کي ڏنو ويو آهي. انهن جي ٻار کي ڪجهه شرطن کي پورو ڪرڻ کان پوء شهريت ڏني ويندي. رپورٽ موجب سعودي مائرن ۽ پرڏيهي پيءُ جي انهن ٻارن کي سعودي شهريت ڏني ويندي جيڪي شرط پورا ڪندا. شرطن ۾ عربي ٻولي ڳالهائڻ، قانوني عمر، سعودي عرب ۾ مستقل رهائش ۽ سٺو ڪردار شامل آهن، شرطن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڄمڻ کان وٺي نوجواني تائين مستقل رهائش، سٺو ڪردار، بهترين عربي ٻولي ڄاڻڻ کان عمر کي پهچڻ کانپوء شهريت لاء درخواست ڏين.