اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان ملاقات، آڊيٽر جنرل پاڪستان چيو آهي ته چيف جسٽس ديامير ڀاشا ڊيم فنڊ جي تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ڊيم فنڊ ۾ 16 ارب 30 ڪروڙ رپيا جمع ٿيا، جنهن مان هن وقت تائين هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي، رقم سان اسٽيٽ بينڪ جي هدايت تي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، تفصيل موجب نور عالم خان جي صدارت ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان آگاهه ڪيو ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي آفيسرن جي موجودگي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪئي، چيف جسٽس کي ٻڌايو ته ڊيم فنڊ ۾ 16 ارب 30 ڪروڙ رپيا جمع ٿيا، هن وقت تائين ڊيم فنڊ مان هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس مطابق اسٽيٽ بينڪ جي هدايت تي ان رقم مان سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، آڊيٽر جنرل جو چوڻ هو ته چيف جسٽس ڊيم فنڊ ۾ گڏ ٿيل رقم جي آڊٽ جي اجازت ڏني آهي ۽ آگاهه ڪيو آهي ته فنڊ مان رقم ان وقت خرچ ڪئي ويندي جڏهن ڊيم جا پاور هائوس ٺهڻ شروع ٿيندا، پي اي سي سپريم ڪورٽ طرفان ڊيم فنڊ جا تفصيل فراهم ڪرڻ تي ٿورو مڃيو.