ڪراچي: ڪي ڊي اي جي ڊي جي آصف ميمڻ چيو ته آئون مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان، مون ڪورٽ مان اسٽي ورتو، جنهن بعد سرڪار منهنجي 20 گريڊ واري زال کي گهر ويهاريو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته اي جي صاحب! توهان جي آفيسرن سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هي ته عجيب ڳالهه آهي جيڪو آفيسر ڪم ڪري رهيو آهي ان کي پريشان ڪيو وڃي، جنهن تي اي جي سنڌ چيو ته آئون (ڊي جي ڪي ڊي اي) معاملي کي ڏسي وٺان ٿو.