ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سول ايوي ايشن جي زمين تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سول ايوي ايشن جي زمين تي ٺاهيل ڪلب جون سرگرميون فوري طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت چيو آهي ته سول ايوي ايشن کي الاٽ ڪيل زمين صرف ايوي ايشن جي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وڃي، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته سول ايوي ايشن جي زمين جا جعلي دستاويز ٺاهيا ويا هئا، جعلي دستاويز ٺاهيندڙن خلاف 2 ڪيس داخل ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت قبضو ڪندڙ پرائيويٽ ماڻهن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته بورڊ آف روينيو پاڻ قبضا گروپ بڻجي ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته سرڪاري زمين تي ڪلب ٺاهيو ويو آهي، اوهان سڀاڻي پنهنجو گهر ۽ سوسائٽي به ٺاهيندا، سول ايوي ايشن کي ڏنل زمين صرف ايوي ايشن جي ڪم ۾ ئي آڻيو. ان موقعي تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته ڪلب ۾ گورنمينٽ آفيسرن لاءِ ميس ٺاهي وئي آهي، جڏهن ته پرائيويٽ ماڻهن کي به ميمبر شپ ڏني وئي آهي، اسان ڪمرشل سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون ٿا، رڳو ميس رهڻ ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان جو ڪم تان ڌيان هٽي ويو آهي، اوهان پئسو ڪمائڻ ۾ لڳي ويا آهيو، جنهن تي سول ايوي ايشن جي عملدارن چيو ته اوهان ڪلب بند ڪرڻ جو آرڊر ڪريو، اسان بند ڪري ڇڏينداسين، عدالت سول ايوي ايشن جي زمين تي ڪمرشل سرگرميون روڪيندي حڪم ڏنو ته سول ايوي ايشن کي ڏنل زمين صرف ايوي ايشن جي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وڃي.

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ پارڪن ۽ پلي گرائونڊ جي بحالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر کي پارڪن ۽ پلي گرائونڊن تان سموريون اڏاوتون ختم ڪرائي ٻن هفتن ۾ پارڪس ۽ پلي گرائونڊ کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته پارڪن ۽ ميدانن ۾ داخلا جي ڪا في نه هوندي، ڪي ايم سي جي پارڪن ۾ داخلا فري هوندي، عدالت چيو ته پارڪن ۾ گهربل فرنيچر ۽ لائيٽس جي فراهمي پڻ يقيني بڻائي وڃي، عدالت بهادر آباد ۾ پارڪ جي زمين تي رهائشي عمارت تعمير ڪرڻ خلاف درخواست تي وفاقي سيڪريٽري پلاننگ اينڊ هائوسنگ جي وفاقي سيڪريٽري کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف چيف جسٽس آف پاڪستان گهڻ ماڙ عمارت ( پلازا) جي تصوير جهولائيندي چيو ته ٻڌايو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، سعيد غني صاحب ڪٿي آهي؟ هو چوندو آهي ته اهڙيون (گهڻ ماڙ) عمارتون ٺهنديون، سعيد غني کي سڏايو، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس چيو ته سعيد غني چوندو آهي ته عهدو ڇڏي ڏيندس پر پلازا نه ڊاهيندس . چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇيو ته هو پنهنجو عهدو ڪڏهن ڇڏيندو اهو ته ٻڌايو؟ جنهن بعد عدالت سعيد غني کي فوري طور عدالت ۾ طلب ڪري ورتو، سعيد غني عدالت ۾ پيش ٿيو پر وقت جي کوٽ سبب ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، هوڏانهن صوبائي وذير سعيد غني ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي چيو ته الباري ٽاور جو مون کي پتو ناهي، عدالتي حڪم تي پيش ٿيس پر منهنجو ڪيس ئي نه لڳو ، شايد سڀاڻي ( اڄ ) يا ٻئي ڏيندي منهنجو ڪيس لڳي.