سرحد (ن پ ا ) سرحد جي مين بازار ۾ ريلي دوران موٽرسائيڪل جي سائيڊ لڳڻ تان کوسا ۽ سومرا (اردو) برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڌرين جا وحيد علي کوسو ۽ محمد عمير سومرو زخمي ٿي پيا، واقعي بعد هڪ ڌر جي ماڻهن پاران ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ دوران ٻي ڌر به سرحد ٿاڻي تي پهتي ته ڌرين ۾ پوليس جي موجودگي ۾ ٻيهر به جهيڙو ٿي پيو، پوليس به بيوس نظر آئي، ڌريون هڪ ٻئي سان وڙهنديون رهيون، واقعي بعد پوليس ٽن ڄڻن اصغر ملڪ، علي محمد، غلام مصطفى عرف گلو کي لاڪپ ڪري ڇڏيو. جڏهن ته زخمي نوجوان وحيد علي کوسو جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس گهوٽڪي سول اسپتال منتقل ڪيو، سرحد پوليس پاران واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آھي