نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ٿاڻي تي 15 سالا ساجدا ڌي دوست محمد سولنگي پنھنجي ماء بادشاھزادي سان گڏ پھتي. هن دانهيو ته ڏيڍ مھينو پھرين ٽائون ملازم عدنان پٽ ڪٽو گجراتي ۽ ڊيپو پٽ لالو گجراتي مونکي نشي واري شيءَ کارائي اغوا ڪري پنھنجي گھر وھاريو، جتان بعد ۾ زرينا ۽ بھادر خاصخيلي مونکي ڪار ۾ ويھاري ڪوٽڙي وٺي ويا جتي پڇاڳاڇا ڪرڻ بعد پتو پوڻ تي منھنجي ماءُ پھچي مونکي آزاد ڪرايو، جنھن بعد ٿاڻي تي پھتا آھيون پوليس موجب نينگري جي ماء بيان ڏنو آھي ته کائنس ڏاڍائي نه ٿي آھي. وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون. ضرورت پئي ته ميڊيڪل ڪرايو ويندو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي، جڏھن ته پوليس جوابدار ڄاڻايل ھڪ جوابدار جي ڀاءُ شامو گجراتي کي گرفتار ڪري ورتو آھي.