سرحد(رپورٽ: حاڪم ابڙو) سرحد ۾ جوابدار چاچي موبائيل فون رکڻ تان ڪارنھن تهمت هڻي پنهنجي ڀائٽي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻيءَ کي گوليون ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. خبرموجب سرحد شهر جي اسٽيشن روڊ واري علائقي ۾گذريل ڏينھن موبائيل فون رکڻ تان جوابدر چاچي مهراب لکڻ ڪارنهن جو الزام ڏئي فائرنگ ڪري پنهنجي 15 سالن جي ڀائٽي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي آسيا ولد عبدالمجيد لکڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار آسانيءَ سان فرار ٿي ويو. واردات بعد قتل ڪيل شاگردياڻي آسيا لکڻ جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو. اطلاع تي سرحد پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءَ کڻائي گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڀروسي جوڳڻ ذريعن موجب جوابدار پنهنجي ڀائٽيءَ کي موبائيل فون رکڻ تان ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪيو آھي. ان حوالي سان قتل ٿيل نينگريءَ جي وارثن ميڊيا کي ڪجھه ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. آسيا لکڻ اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، جنهن جي بي درديءَ سان قتل تي اسڪول ۾ پڻ سوڳ ڇانئجي ويو. ساٿي شاگردياڻين جو وڏو انگ پڻ مقتولا آسيا لکڻ جي گهر پهچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. سرحد پوليس جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي. نينگريءَ جي قتل تي علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇانيل هو.