سي ٽي ڊي ڪراچي جي ڪوئٽا ۾ ڪارروائي، عثمان شاهه عرف ميجر عثمان گرفتار

0
216

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪراچي جي ڪوئٽا ۾ ڪارروائي، عثمان شاهه عرف ميجرعثمان کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پنهنجن ساٿين اڳوڻي ايس ايڇ اوهارون ڪورائي، عمران محسود ۽ ٻين سانگڏجي شهري فضل کي اغوا ڪيو هو

سي ٽي ڊي ترجمان موجب جوابدارن شهري فضل کي اسٽيلٽائون ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيوهو، عثمان شاهه پاڻ کي ڳجهي اداري جو ميجر ظاهر ڪندو هو، جوابدار اعتراف ڪيو آھي تھ شهري فضل کي انڪري قتل ڪيو ته هن 7ڪروڙ رپين جون سوپاريون پڪڙايون هيون