حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وائيس فار مسنگ پرسن سنڌ ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻن قمبر مان قومپرست ڪارڪن فقير نور چانڊيو جي والد، والده، زال، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي مبينا طور کنڀڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو ڪراچي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندا. ان سلسلي ۾ اڳواڻن سورٺ لوهار، محب آزاد ۽ سارنگ جويو پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته قمبر جي ڳوٺ نور واهه مان قومپرست ڪارڪن فقير نور چانڊيو جي گهر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن گڏيل چڙهائي ڪئي. چڙهائي دوران انهن نور چانڊيو جي والد گل حسن چانڊيو، والده بصران چانڊيو، زال عارفه چانڊيو، ڀيڻ پارس چانڊيو ۽ ڌيءُ سنڌو چانڊيو سميت 12 گهرڀاتين کي مبينا طور کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ بلوچستان جهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن عمل جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. اڳ ۾ ئي ڪراچي، قمبر ۽ شهيد بينظير آباد مان 50 کان وڌيڪ قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن جن جو اڃا تائين ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي ۽ وري قمبر مان 12 ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته 24 ڪلاڪن ۾ ڳوٺ نور واهه مان کنڀي گم ڪيل عورتن ۽ مردن کي آزاد نه ڪيو ويو ته هو سڀاڻي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻندا جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.