سرحد (رپورٽ: حاڪم ابڙو) سرحد ڀرسان پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو، هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، ٻيو زخمي، ڌاڙيل جي مارجڻ بعد سرحد ڀرسان هٿياربندن جو پوليس چوڪي تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 2 اغوا، ايس ايس پي ڪچي ۾ لهي پيو، جلد مغوي اهلڪارن کي بازياب ڪرائڻ جو دعويٰ، ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري رکڻ جو اعلان، خبر موجب قادرپور جي ڪاٺ پل واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ڪنڌڪوٽ جي گبلو واري علائقي جو رهواسي سندراڻي گينگ جو ڌاڙيل امان الله عرف امنو سندراڻي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي زخمي ٿي پيو، واقعي بعد سرحد ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس پڪٽ نمبر 5 تي ڌاڙيلن جي مختلف ٽولن سان واسطو رکندر 80 هٿياربندن ساٿي ڌاڙيل جي مارجڻ جي پلاند ۾ حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ سرحد واسي پوليس اهلڪار شاهه علي سيال ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ڌاڙيل ٻن پوليس اهلڪارن محمد خان گبول ۽ قيصر ڪلهوڙو کي اغوا ڪري پاڻ سان ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، ڌاڙيل پوليس چوڪي مٿان حملي بعد اهلڪارن جا سرڪاري هٿيار پڻ کڻي ويا، واقعي بعد شهيد پوليس اهلڪار شاهه علي سيال جو مڙھه گهوٽڪي اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي سميرنور چنه واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو، ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي ۾ شر گينگ، سندراڻي گينگ، جاگيراڻي گينگ، ڏوهي وارداتون ڪن ٿيون، جن خلاف ڪارروايون جاري آھن، آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس پڪٽ تي مختلف ٽولن جي 80 کان وڌيڪ ڌاڙيلن گڏجي حملو ڪري اهلڪار کي شهيد ۽ ٻن اهلڪارن کي اغوا ڪيو آھي، ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نگراني پاڻ ڪريان پيو، سندراڻي گينگ سميت ڪچي ۾ جيڪي به ڏوهي وارداتون ڪن ٿا تن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اغوا ٿيل پوليس جي جوانن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.