اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مختلف مقررين ۽ آسامين جي تخليق ۾ وزيراعظم جو اختيار ختم ڪري اختيار وزيرن. مملڪتي وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي حوالي ڪيا ويا.  تفصيل موجب وزيراعظم جي اجازت سان وفاقي ڪابينا مختلف مقررين ۽ آسامين لاءِ وزيراعظم جا اختيار ختم ڪرڻ بابت سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب وزيراعظم جا اختيار وزيرن، صلاحڪارن، مملڪتي وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته عمران خان وزيراعظم هوندي اهي اختيار پاڻ وٽ رکيا هئا، وفاقي ڪابينا مان سرڪوليشن ذريعي سفارشن جي منظوري وٺي مقررين ۽ آسامين ۾ وزيراعظم جو اختيار ختم ڪيو ويو هو. حڪومتي ذريعن موجب مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ ماهرن ۽ پروفيشنلز مقرر ڪرڻ جو پلان آهي، ماهرن ۽ پروفيشنلز جي آسامي ناڻي واري وزارت، اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي مشاورت سان تخليق ڪندي، ڪنسلٽنٽس جون مقرريون لاڳاپيل وزيرن، مملڪتي وزيرن يا مشيرن جي منظوري سان جڏهن ته ريسرچ ايسوسي ايٽس، ينگ پروفيشنلزم جي مقرري لاڳاپيل سيڪريٽري جي منظوري سان ٿيندي، ٽيڪنيڪل ايڊوائزرز جي مقرري لاءِ بدستور وزيراعظم جي منظوري ضروري هوندي.