سرحد (ن پ ا ) سرحد ڀرسان ڪاروگهٽ اسٽاپ وٽ پورهيت مريد علي عباسي جي آرا مشين کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب آرا مشين ۾ پيل لکين رپين جي ماليت جو ڪاٺ ۽ سامان سڙي رک ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ائربرگيڊ عملي کي ڏنو ويو جنهن بعد فائربرگيڊ عملي ۽ مقامي ماڻھن گڏجي باه تي ڪنٽرول ڪري ورتو ان سلسلي ۾ آرا مشين جي مالڪ، مريد علي عباسي جو چوڻ هو منهنجو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آھي.