خانپورمھر (ن پ ا) خانپور مھر ويجھو ڳوٺ نظر علي خان گڏاڻي ۾ باهه لڳڻ سبب پورھيت احمد نواز گڏاڻي جي گھر اندر پيل بسترا، کٽون، اناج ء ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. باھ وسائيندڙ عملو دير سان پھتو، جنھن بعد ڳوٺاڻن ۽ فائربرگيڊ عملي گڏجي باھ وسائي ان تي ضابطو آندو، ھوڏانھن متاثر ڳوٺاڻو احمد نواز گڏاڻي کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھي جڏھن تہ متاثر ڳوٺاڻي پاران واھر جي اپيل ڪئي.