ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ معياري تعليم جي فراهمي بابت داخل ڪيل درخواست تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو پاران آءَ بي اي سکر ذريعي 37000 استادن جي ڀرتين بابت رپورٽ پيش ڪرڻ بعد استادن جي ڀرتين جي حوالي سان ڇهن مهينن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 950 هيڊماسترن کان به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٻيهر امتحان وٺڻ جو عمل 45 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ريفارمز سپورٽ يونٽ، مانيٽرنگ اينڊ ايواليوشن، اسپيشل انيشيٽو پراجيڪٽ جا تفصيل طلب ڪرڻ سان گڏ ٽنهي پراجيڪٽس کي 10 سالن دوران مليل فنڊن جا تفصيل به طلب ڪيا آهن، عدالت چيو آهي ته صوبي ۾ اپ گريڊ ڪيل اسڪولن جي بجيٽ ڪيتري آهي؟ اها تفصيل به پيش ڪيا وڃن، عدالت اسڪولن ۽ ڪاليجز جي زمينن تي قبضي بابت سمورن ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ تعليم کاتي کي لاڳاپيل سيشن ججز سان رابطو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. عدالت چيو ته تعليم کاتي جي درخواست تي سيشن ججز حددخليون يا قبضا ختم ڪرائڻ جا مجاز هوندا. ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو عدالت ۾ پيش ٿي استادن جي ڀرتين بابت رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته 40 هزار استادن جي ڀرتين لاءِ 4 لک درخواستون ملي چڪيون آهن جڏهن ته سنڌ ۾ هيڊماسترن جون 8624 جايون خالي آهن، هن وقت رڳو 16 سئو هيڊ ماستر ڪم ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ بي اي طرفان ٽيسٽ پاس ڪيل هڪ هزار هيڊ ماستر موجود آهن، جن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻيهر امتحان وٺندي، رپورٽ ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 5 هزار هيڊ ماسترن جي ڀرتين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي لکي ڇڏيو آهي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 12 سئو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ پڻ هڪ مهيني ۾ ڀرتي ڪيا ويندا، جڏهن ته سنڌ ايجوڪيشن پاليسي جو نوٽيفڪيشن به هڪ هفتي ۾ جاري ڪيو ويندو. ان موقعي تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ اينڊومينٽ اسڪالرشپ فنڊ هڪ ارب مان وڌائي 2 ارب رپيا مختص ڪرڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ٻڌڻي دوران اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته استادن جي بدلين بابت موبائل ايپ ٻن مهينن ۾ متعارف ڪرائي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ بدلي ڪرائڻ جا خواهشمند استاد آن لائين فارم ڀري سگهندا، عدالت چيو ته سنڌ ۾ اپ گريڊ ڪيل اسڪولن جي بجيٽ جا تفصيل به پيش ڪيا وڃن. ڪاليجز کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي فيصلي موجب پهرين مرحلي ۾ ضلعي سطح تي چار سالن جي بيچلر ڊگري جي شروعات ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي هر ضلعي ۾ هڪ ڪاليج نئين تعليمي سال کان چار سالن جو ڊگري پروگرام شروع ڪندو. ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڪنهن به کاتي جي سيڪريٽري سان مشاورت کانسواءِ آفيسرن جون بدليون نٿو ڪري سگهي، عدالت چيو ته چيف سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن واري سيڪريٽري کان مشاورت ڪرڻ کانسواءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي بدلي ڪيئن ڪئي؟ عدالت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي سمورن معاملن کي ڏسڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ،