ميرپورخاص: فوتي سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو پنهنجي نوڪري جو وڏو حصو ميرپورخاص وائرليس ڪنٽرول تي گذاريو ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل کان ترقي ماڻي سب انسپيڪٽر تائين پھتو ۽ سندس رٽارڊ مينٽ ۾ صرف ٻن کان ٽي سال رھيل ھئا، سندس خلاف ميرپورخاص واسي عورت پوليس وائرليس آپريٽر اقراء جي موڪليل درخواست تي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪجهه عرصي کان انڪوائري ھلندڙ ھئي عورت ناري پاران مظفر علي چانڊيو تي رشوت وٺڻ، عملي کي ويزا تي ڇڏڻ سميت ناري پاڻ کي تنگ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جا الزام لڳل ھئا جنهن تي ايڊيشنل آءِ جي ڪميونيڪيشن مظفر شيخ فوتي سب انسپيڪٽر مظفر علي چانڊيو کي معطل ڪري ھيڊ ڪواٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن بعد ھي ميرپورخاص مان ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو ھو. وائرليس ڪنٽرول روم جي عملي نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو آھي ته فوتي سب انسپيڪٽر تمام نيڪ ۽ شريف ماڻهو ھو وائرليس آپريٽر ناري اقراء ۽ مظفر علي چانڊيو ۾ ڊيوٽي ڪرڻ واري معاملي تان اختلاف ٿيا ھئا جنهن بعد ناري ھن جي خلاف مختلف درخواستون ۽ شڪايتون مختلف آفيسرن کي ڏيندي رھندي ھئي فوتي عملدار جي ڪجهه عرصي کان پگھار به بند ھئي جنهن سبب به سخت پريشان ھو ۽ مٿان معطل ٿيڻ تي کيس وڏو صدمو پھتو ھو ۽ آفيسر تي ڏک ڪندو انصاف نه ملڻ جو چوندو ڪراچي روانو ٿيو ھو ۽ سخت پريشان بڻيل ھو .