ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ هلندڙ ساوند سبزوئي قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاءِ تيغو تيغاڻي، حبيب الله ساوند، مولوي جلال ساوند، عبدالنبي تيغاڻي، مقدم بادل سبزوئي،  عبدالحئي ساوند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ گڊو ڀرسان قتل ڪيل ساوند برادري جي گدا ساوند جي وارثن ٻاجهي ساوند ۽ ٻين وٽ ميڙ منٿ قافلو نيو ويو، جتي مقتول جي وارثن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلي تي راضپو ظاهر ڪيو. ان موقعي تي گڏيل صلاح سان 11 آڪٽوبر تي شڪارپور ۾ سڪندر ڪاڪيپوٽو، تيغو تيغاڻي، عبدالسبحان ساوند، جي نگراني ۾ ڌرين جو فيصلو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي، ان موقعي تي ٻنهي ڌرين جي سردارن ۽ چڱن مڙسن پنهنجي ڌرين کي پرامن رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي آھي.