چوھڙجمالي (ن پ ا) چوهڙ جمالي ڀرسان  لاڏيون ٿاڻي جي حد درگاهه شاهه يقيق ويجهو ڳوٺ فتح علي  جتوئي ۾ 40 سالن جي نوجوان محمد رمضان پٽ دادو جتوئي کي گھر ٻاھران اڻڃاتل جوابدار ڪھاڙين جا وار ڪري  بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي لاش کي پوليس ۽ وارث رورل هيلٿ سينٽر چوهڙجمالي کڻائي آيا جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر  نه ھئڻ ڪري نوجوان لاش پوسٽ مارٽم لاء سجاول اسپتال نيو ويو. مقتول جي ڀاء شوڪت ٻڌايو ته اسين درگاھ شاھ يقيق پنهنجي ڪئبين بند ڪري گهر آياسين ته رمضان گهر ٻاهران چڪر لڳائي اچڻ جو چئي ٻاهر نڪري ويو ۽ سندس رڙين تي ڀرسان گهر وارا ڊوڙي آيا اسين ٻاهر نڪتاسين ته سندس موبائل فون ۽ لاش زمين تي پيل ھو. اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. هوڏانهن لاڏيون ٿاڻي جي ايس ايڇ او عنايت چانڊيوسان رابطو ڪيو ويو جنهن پنهنجي اخبار  کي  ٻڌايو ته قتل ٿيل نوجوان گهر ٻاهران موبائل فون تي ڳالهائي رهيو هو ته نامعلوم جوابدار کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا. ھن چيو پوسٽ مارٽم  رپورٽ  اچڻ بعد جانچ ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه چئي سگهجي ٿو ته واقعو ڪيئن پيش آيو. ٻئي طرف خبر فائيل  ٿيڻ تائين وارثن پاران ٿاڻي تي ڪيس وغيره  داخل ناهي ڪرايو ويو.