سامارو (ن پ ا) سامارو جي يونين ڪائونسل آراڙو ڀرڳڙي جي ديھه بِکوري جي ڳوٺ محمد سومار شر جي ڳوٺاڻن شاھد شر، جان محمد شر، ندام شر، نظام شر ۽ ٻين جو ڏھين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو دانهيندي چيو ته ڳوٺ جا 118 ماڻھو آنڊي جو آپريشن ڪرائي چڪا آهن ۽ 50 مريض غربت سبب علاج نه ڪرائڻ سبب اسپتال ڀيڙا آهن پر صحت کاتي ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن، هنن چيو ته چونڊيل نمائندا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، هنن س شھر يار شر کان مدد جي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي بيمار ڳوٺاڻن جو علاج ڪرايو وڃي، ٻي طرف ڳوٺاڻن پوليو مهم جو پڻ بائيڪاٽ ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.