شاهپورجهانيان (ن پ ا) شاهپورجهانيان پريس ڪلب جي صحافي محمد ياسين آرائين، صحافي نعيم آرائين، صحافي عبدالغفور آرائين، سندس چاچي، ڀائرن ۽ ٻن شاگردن سميت 6 ڄڻن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ صحافي ياسين آرائين جي گرفتاري خلاف شاهپور جهانيان جا صحافي سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر عبدالوحيد ڏاهري، عزيز چنا، ظفر ٻگهيو، منٺار ڏاهري، فيض فريد کوکر، اسد ٻگهيو، قاسم جاني ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته پوليس 3 صحافين، سندس چاچي، ٻن شاگردن خلاف اغوا جو ڪوڙو جڙتو ڪيس داخل ڪري صحافي ياسين آرائين کي گرفتار ڪري ظلم ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪيس ختم ڪري صحافي کي آزاد ڪيو وڃي.